اسلام آباد(امتياز گل) مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي ويوآھي جھڙوڪر سيٽن جي ونڊ ورڇ جي لاءِ راھ ھمواري ڪري ورتي آھي. عددي اڪثريت بعد قانون سازي جو دڳ کوليو ويندو.سينيٽر مشتاق مطابق پي ٽِي آئي کان چونڊ نشان کسيو ويو، اڳواڻ قيد ڪيا ويا پر ان باوجود ان کي ٻھ ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ملي ھئي.ھاڻ اھي سيٽون کسيون ويون آھن اھا جمھوريت ناھي.ھي ڊاڪو ڪريسي آھي.اھو عوامي مينڊيٽ تي عدالت وسيلي ڌاڙو ھڻڻ شرم جوڳو عمل آھي. ٽي وي اينڪر شاھزيب خانزادي مطابق سپريم ڪورٽ جو فيصلو تڪراري آھي.ھڪ ڌر کان توھان بيٽ جو نشانو کسيو پر وري بھ سيٽون کڻي آئي.تاريخ ۾ لکيو ويندو ته سپريم ڪورٽ آئين ۽ جمھوريت جي تسلسل خلاف پنھنجون ڪوششون جاري رکيون.مطيع الله جان بھ چيو تھ پي ٽي آءِ کان بيٽ کسڻ جو ذميوار قاضي فائز عيسيٰ ھيو.پر فائز عيسيٰ چيو تھ اليڪشن ڪميشن فيصلي جي غلط تشريح ڪئي.چونڊ عمل تي نظر رکندڙ سرور باري چيو آھي تھ ھن فيصلي کان پوءِ پي ٽي آئي کي پنھنجي سمورين درخواستن ۽ عدالتي ڪيسن تان ھٿ کڻڻ گھرجي.ڇو تھ سمورن رياستي ادارن پنھنجي پوزيشن ، رعب ۽ حڪم مڃرائي ورتوآھي..ھن وقت سپريم ڪورٽ ۽ ھائي ڪورٽن ۾ پنجاھ سيڪڙو کان وڌيڪ اھڙا جج آهن جيڪي سسٽم سان مڪمل متفق آھن ۽ اظھار بھ ڪندا رھن ٿا.سسٽم جا مخالف جج اقليت ۾ ھليا ويا آھن جن ۾ جسٽس صلاح الدين، طارق جھانگيري، بابر ستار،اطھر من الله سميت ٻيا جج شامل آهن.اسلام آباد ھائي ڪورٽ جي جسٽس سرفراز ڊوگر تھ اھو بھ چئي ڏنو تھ اگر پي سي بي چيئرمين جي مقرري آئين ۽ پي سي بي جي دستور جي خلاف ورزي ڪندي ٿي بھ آھي تھ ان کي ڇڏيو اڳتي وڌو.