هندستان کي واضح پيغام ڏنو ته هڪ هٽي قبول نه ڪنداسين: فيلڊ مارشل

راولپنڊي(م ڊ) فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته هن علائقي ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو سرپرست ڀارت آهي، ۽ اسان ڀارت کي واضح پيغام ڏيون ٿا ته پاڪستان نه اڳي ڪڏهن ڀارت جي هڪ هٽي قبول ڪئي ۽ نه ئي ڪڏهن ڪندو. پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) مطابق، فِيلڊ مارشل عاصم منير 52هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي آفيسرن سان اهم خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ ڪاميابي لاءِ عوام، حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ مضبوط رابطي ۽ لاڳاپن جي اشد ضرورت آهي. آرمي چيف چيو ته "معرڪوءِ حق” ۾ رياست جي سڀني ڌرين مثالي يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪيو. پاڪستان، ڪشمير جي لائن آف ڪنٽرول کان وٺي سامونڊي ڪنارن تائين، ڀارت جي بي سبب جارحيت جو بهترين جواب ڏنو، ۽ الله پاڪ اسان جي مدد ڪئي، ڇو ته اسان حق تي هئاسين. هن چيو ته علائقي ۾ دهشتگردي جو وڏو سرپرست ڀارت آهي، ۽ اسان ڀارت کي صاف پيغام ٿا ڏيون ته پاڪستان ڪڏهن به ڀارت جي بالادستي کي قبول نه ڪندو. آرمي چيف چيو ته دهشتگردي ڀارت جو اندريون مسئلو آهي، جيڪو ان جي اقليتن، خاص طور تي مسلمانن سان تعصب ۽ ظلمن جو نتيجو آهي. فِيلڊ مارشل وڌيڪ چيو ته افغانستان اسان جو ڀائيچاري وارو پاڙيسري اسلامي ملڪ آهي، ۽ اسان ان سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، اسان جو رڳو اهو مطالبو آهي ته اهي ڀارت جي دهشتگرد پراڪسين "فتنه الهنود” ۽ "فتنه الخوارج” کي پناهه نه ڏين. هن چيو ته رياست جي سڀني حصن ۾ يڪجهتي جو بنياد پاڪستان جي انتظامي ۽ سول بيوروڪريسي آهي، جنهن جي وڏي ۽ اهم ذميواري اوهان تي عائد ٿئي ٿي. پنهنجي ذاتي ۽ علائقائي سڃاڻپ کان وڌيڪ "پاڪستانيت” جي سڃاڻپ کي اختيار ڪريو. فِيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان جون فوجون موجوده دور جي جنگي حالتن مطابق پاڻ کي هر وقت تيار رکنديون آهن. هر نظام ۾ ڪجهه مسئلا ۽ ڪمزوريون هونديون آهن، پر اوهان جو ڪم آهي ته انهن منفي عنصرن کي نظام تي غالب نه اچڻ ڏيو. هن چيو ته جيڪي قومون پنهنجي تاريخ وساري ويهن ٿيون، انهن جو مستقبل به اونداهو هوندو آهي.آخر ۾ هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۽ ڪهاڻي کي ڄاڻو، ۽ ان کي ايندڙ نسلن تائين پهچايو. ملڪ سان محبت ۽ وفاداري پهرين ۽ بنيادي شرط آهي. پنهنجي اندر بهادري، صلاحيت ۽ بهتر ڪردار پيدا ڪيو، ۽ جيڪڏهن انهن مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻو پوي ته هميشه "ڪردار” کي ترجيح ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.