لاهور(بيورو+م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته جنهن نواز شريف کي مائنس ڪرڻ چاهيو،اڄ اهو پاڻ مائنس ٿي ويو آهي، جنهن جي تصديق عليمه خان پاڻ ڪئي آهي ۽ انهن کي ڪنهن ٻئي نه پر سندن خراب ڪارڪردگي مائنس ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران هن چيو ته اسان تاريخ جو سڀ کان وڏو بجيٽ ڏنو آهي ۽ تاريخ جي سڀ کان وڏي خرچن جو منصوبو آهي، تنهن هوندي به جيڪڏهن ان کانپوءِ به ڪو ٽيڪس نه لڳايو وڃي ته اهو معجزو آهي، هن چيو ته مان پارليامينٽ جو ٿورائتي آهيان جنهن نه رڳو بجيٽ پيش ڪيو پر ان کي اڪثريت سان منظور به ڪيو، مريم نواز موجب، پنجاب جو 30 سالن جو گهريلو قرض رڳو ڏيڍ سال ۾ الله جي فضل سان زيرو ٿي چڪو آهي ۽ ٻئي سال به ٽيڪس فري بجيٽ ڏيڻ باوجود پنجاب جي اندروني آمدني 50 سيڪڙو وڌي وئي آهي، مريم نواز جي تقرير دوران اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اسپيڪر جي رولنگ کي نظرانداز ڪندي احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته اسان ٽيڪس وڌائڻ بدران ٽيڪس نيٽ وسيع ڪيو آهي، مائينز اينڊ منرلز شعبي ۾ 30 ارب رپين جي بچت ڪئي وئي آهي ۽ ان شعبي ۾ انقلابي ڪم تي مان وزير شير علي گورچاڻي ۽ سندس سڄي ٽيم کي شاباس ڏيان ٿي.