ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ سون جي في تولا قيمت ۾ هزارين رپين جي گهٽتائي ٿي آهي،آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشنموجب اڄ سون جي في تولا قيمت 5 هزار رپيا گهٽجي 3 لک 51 هزار رپيا ٿي وئي آهي،ايسوسيئيشن مطابق 10 گرام سون جي قيمت 4 هزار 287 رپيا گهٽجي 3 لک 925 رپيا رھي وئي آهي، ٻئي پاسي، عالمي مارڪيٽ ۾ سوني جي قيمت 53 ڊالر گهٽجي 3290 ڊالر في اونس تي اچي وئي آهي.