حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ گذريل ڏينهن کان شروع ٿيل برسات کانپوءِ سول اسپتال حيدرآباد جي بند ٿي ويل بجلي 15 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود بحال نه ٿي، بجلي بند ٿيڻ ڪري اسپتال ۾ داخل سوين مريض ۽ انهن جا وارث پريشان ٿي ويا، آپريشن ٿيٽرن جي بجلي اوچتو بند ٿيڻ ڪري مريضن جا آپريشن متاثر ٿيا، جڏهن ته سٽي اسڪين ۽ ايڪسري سميت مختلف ٽيسٽن جون مشينون بند ٿي ويون، اهڙي طرح اسپتال ۾ پاڻي جي سپلائي معطل ٿي وئي ۽ صفائي سٿرائي جو نظام به متاثر ٿيو، سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد جي مک سرڪاري اسپتال ۽ سڄي سنڌ مان ايندڙ مريضن جي علاج جو اهم هنڌ سول اسپتال حيدرآباد جي بجلي بند ٿيڻ کي ڪالهه رات دير تائين 15 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري ويو هو، جنهن سبب اسپتال جو سمورو ڪاروهنوار متاثر ٿيو، جنهن ڪري پاڻي نه هجڻ ۽ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ڪري نه صرف اسپتال جي مختلف وارڊن ۾ داخل مريضن وڏي تڪليف کي منهن ڏنو، پر انهن سان گڏ ايندڙ تيماردار به پريشان ٿي ويا، اسپتال ۾ پاڻي ختم ٿي ويو ۽ پمپنگ اسٽيشون بند ٿيڻ ڪري مختلف هنڌن تي پاڻي پڻ بيهجي ويو، ان سلسلي ۾ اسپتال انتظاميا جو چوڻ هو ته اسپتال کي ايڪسپريس فيڊر سميت ٽن فيڊرن مان بجلي جي رسد ٿئي ٿي، پر اهي ٽئي فيڊر هلندڙ برسات دوران بند ٿي ويا ۽ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، انتظاميا موجب 15 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي، پر بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي، ان دوران ڪنهن به خرابي سبب جنريٽر بند ٿي ويو ته اسپتال اونداهي جي ورچڙهي ويندي، انتظاميا جو چوڻ هو ته اسپتال جي بجلي بند ٿيڻ بابت حيسڪو چيف کي خط لکيو آهي، پر ان تي ڪو به عمل ناهي ٿيو، ياد رهي ته سول اسپتال جي مختلف وارڊن ۾ سوين مريض داخل هوندا آهن ۽ اسپتال جي ايمرجنسي(لال بتي) ۾ به هر وقت ڳڻتي جوڳن مريضن ۽ حادثن جو شڪار ٿيل ماڻهن جي وڏي انگ ۾ اچ وڃ ۽ موجودگي رهي ٿي.