اسلام آباد(م ڊ)ڪنڌڪوٽ ڪشمور واسين جو ڌاڙيل راڄ خلاف اسلام آباد ۾ ڪالهه به نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج جاري رهيو،احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ ڌاڙيل راڄ آهي،معصوم ٻار ،نوجوان اغوا ٿي رهيا آهن، اتان جا چونڊيل نمائندا اسان جي ڳالهه ئي نٿا ٻڌن،هڪ ڄڻي چيو ته ٻن مهينن دوران منهنجي برادري جا 5 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن،پوليس اسان جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،جيو نيوز جي اينڪر حامد مير پروگرام ڪيپٽل ٽاڪ ۾ چيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪراچي نه پر اسلام آباد ۾ اچي احتجاج پيا ڪن، پنجاب جي ڪچي جا ماڻهو به ڌاڙيل راڄ خلاف اسلام آباد ۾ احتجاج جي تياري پيا ڪن باقي خيبر پختونخوا واسي ويچارن کي ته اسلام آباد اچڻ ئي نٿو ڏنو وڃي،انهن اشوز تي اسان جي قومي اسيمبلي ۾ بحث ڇو نٿو ٿئي، هنن چيو ته رياست اندر رياست بڻيل آهي،پ پ جي آغا رفيع الله چيو آهي ته اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ ڪشمور واسي پ پ جا ووٽر آهن،ڪشمور مان اسان جي ايم اين اي علي جان مزاري اڄ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي جنهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي هدايتون جاري ڪيون جنهن بعد محسن نقوي اسان سان گڏ ميٽنگ ڪئي آهي،هن چيو ته اشو اهو آهي ته ڪشمور سان گڏ ٽن صوبن جي سرحد لڳي ٿي،اسان آپريشن ڪريون ٿا ته ڌاڙيل پنجاب يا بلوچستان نڪري وڃن ٿا،هن چيو ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ اغوا ۽ بدامني جو سلسلو ڪافي وقت کان هلي رهيو آهي،اڄ احتجاج ڪندڙن ايم اين اي علي جان مزاري سان به ملاقات ڪري پنهنجا اهنج ٻڌايا آهن،ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اتر سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آهي،ان ڪري وفاقي حڪومت سان اسان جا اعترض هوندا آهن،پي ٽي آءِ ايم اين اي شاهد خٽڪ چيو ته منهنجي تڪ جا ٻه ماڻهو ڊمپر وڪڻڻ بهاني ڪچي ۾ اغوا ڪيا ويا،ڪي پي ۾ به طالبانزيش جو اشو آهي ،رياست کي ڌاڙيل راڄ خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي،مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو ته علي جان مزاري سان منهنجي ملاقات ٿي هن وزيراعظم جي نوٽيس ۾ به اها ڳالهه آندي آهي،بلوچستان،سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ٿيندي