ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ)سنڌ ۾ خريف جي مند جي پوري وچ ۾ پاڻي جي کوٽ 21 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته ارسا دريائن ۾ اضافي پاڻي هجڻ باوجود سنڌ کي انڊينٽ موجب پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪندي ڊيم ڀرڻ وارو عمل جاري رکيو آهي، روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن توڙي سرڪاري ذريعن کان مليل معلومات موجب سنڌ ۾ خريف واري فصل جي پاڇاٽي پوکائي جي شروعات ۽ آڳاٽي پوکي جي وچ واري وقت ۾ پاڻي روڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ساريال جا ٻيجارا، ڦٽي، مرچ، ڪمند، ٽماٽي، بصر سميت ڪيترن ئي فصلن کي وڏو ڌچڪو پهچي رهيو آهي پر ارسا، واپڊا ۽ پنجاب سنڌ کي انڊينٽ موجب پاڻي ڏيڻ بدران پنجاب کي پورو پاڻي ڏيڻ سان گڏ پنجاب جي ايندڙ ربيع جي پوکائي لاءِ سمورو پاڻي ڊيمن ۾ جمع ڪيو پيو وڃي جنهن ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي، سنڌ جي 1 لک 70 هزار ڪيوسڪ جي انڊينٽ جي ابتڙ سنڌ کي فقط 1 لک 48 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي جنهن ڪري سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي پاڻي جي کوٽ خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، انگن اکرن موجب گڊو بئراج جو حصو 35 هزار 200 ڪيوسڪ ٿئي ٿو جنهن جي ڪئنالن کي فقط 27400 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي جنهن ڪري گڊو بئراج تي پاڻي جي کوٽ 22 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي، سکر بئراج جي ڪئنالن کي 60 هزار 600 ڪيوسڪ بدران رڳو 45700 ڪيوسڪ ڏنو ويو جنهن ڪري سکر بئراج تي پاڻي جي کوٽ 25 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي، ڪوٽڙي بئراج کي پڻ 29600 ڪيوسڪ جي جاءِ تي 14 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ڏنو ويو آهي جنهن ڪري سنڌ ۾ جون جي آخري ڏهي ۾ پاڻي جي مجموعي کوٽ 21 سيڪڙو ٿي وئي آهي، ٻي طرف سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ باوجود پنجاب، ارسا ۽ واپڊ ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ تي اڙيل آهن، سنڌ کي پورو پاڻي ڏيڻ بدران پنجاب جي ايندڙ ربيع لاءِ ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب هن وقت تائين سمورن ڊيمن ۾ پاڻي جو ذخيرو 4 ڏهائي 603 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي ويو آهي پر سنڌ ۾ ساريال جا ٻيجارا تباھ ٿي رهيا آهي، ڦُٽي سميت سمورن فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.
ٽي پي ۾ 12 هزار ۽ سي جي ۾ 2 هزار ڪيوسڪ ۾ کڻت
ڪراچي: سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ باوجود پنجاب جا ڪئنال تارو تار وهي رهيا آهن، جڏهن ته پنجاب غيرقانوني طور تي فلڊ ڪئنالن ۾ به زبردستي پاڻي کڻي رهيو آهي، انگن اکرن موجب پنجاب تڪراري غيرقانوني ڌاڙيل تونساپنجند لنڪ ڪئنال ۾ 12000 هزار ڪيوسڪ، سي جي ۾ 2000 هزار ڪيوسڪ ، ٿل ڪئنال ۾ 7900 ڪيوسڪ،سي آر بي سي ۾ 4480 ڪيوسڪ، مظفر ڳڙھ ڪئنال ۾ 7273 ڊي جي خان ۾ پڻ 7273 ۽ ڪڇي ڪئنال ۾ 500 ڪيوسڪ پاڻي کڻي سنڌ کي تباھ ڪري رهيو آهي، ٻي پاسي پنجاب جهلم درياھ جي پاڻي مان 15000 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي باقي سمورو پاڻي منگلا ڊيم ۾ جمع ڪري رهيو آهي.
سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سازش ، سنڌ سرڪار به ذميوار قرار
ڪراچي: قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي ۽ سنڌ آبادگار بورڊ سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ کي وڏي سازش قرار ڏيندي کوٽ جو ذميوار ارسا واپڊا ۽ سنڌ سرڪار کي قرار ڏنو آهي، ان حوالي سان قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي عوامي آواز کي ٻُڌايو ته خريف جي پوري وچ ۾ سنڌ سان آبي دهشتگردي ڪئي وئي آهي، اهو سوچيل سمجهيل سازش جو حصو آهي جنهن ۾ پيپلزپارٽي جو مک ڪردار آهي، بنا دير جي سنڌ لاءِ اڍائي لک ڪيوسڪ پاڻي گڊو بئراج کان ڏنو وڃي، ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ امير حسن پنهور چيو ته سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي آبپاشي کاتي جي مجرماڻي خاموشي سبب ارسا سنڌ کي تباھه پيو ڪري، سنڌ آبادگار بورڊ جي ترجمان اسلم نواز مري ٻُڌايو ته ارسا سنڌ دشمني ڪئي آهي جنهن صوبن کي پاڻي جي ضرورت وقت واپڊا کي تربيلا ڊيم جي ٽنل فائيو تي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، ارسا جي غفلت مٿان وري سنڌ سرڪار ماٺ ڪئي آهي جيڪا تعجب واري ڳالهھ آهي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي بنا دير گڊو بئراج تي اڍائي لک ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو وڃي.
پنجاب چناب جو سئو سيڪڙو پاڻي کڻي پنجند کان ڳنڍو ڏئي ڇڏيو
ڪراچي: سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ باوجود پنجاب چناب درياھ جو سئو سيڪڙو پاڻي کڻي پنجند کان ڳنڍو ڏئي ڇڏيو آهي، چناب درياھ ۾ ايندڙ پاڻي 74000 ڪيوسڪ تائين پهتو آهي ۽ پنجند اپ اسٽريم وٽ 11300 ڪيوسڪ هجڻ باوجود سنڌ لاءِ هڪ ڦُڙو به نه ڇڏيو ويو آهي .
پوڻا چار لک ڪيوسڪ پاڻي مان سنڌ کي رڳو ڏيڍ لک ڪيوسڪ مليو
ڪراچي: ملڪي دريائن جا وهڪرا لڳ ڀڳ پوڻا چار لک ڪيوسڪ تي پهچڻ باوجود سنڌ کي پاڻي کان محروم رکيو ويو آهي، سنڌو درياھ ۾ اسڪردو وٽ گرمي پدوڌي 33 ڏهائي 3 ٿي ويو آهي جنهن ڪري سنڌو درياھ جو تربيلا وٽ مٿانهون وهڪرو 229300 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي جتان 73100 ڪيوسڪ پاڻي تربيلا ڊيم ۾ جمع ڪيو ويو آهي ۽ تربيلا ڊائون ۾ فقط 153800 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي، جتي ڪابل درياھ جو پاڻي گڏجڻ کانپوءِ جملي 1854000 ڪيوسڪ ٿئي ٿو جنهن مان پنجاب لڳ 45 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو آهي ۽ چشما ۾ جمع ٿيل پاڻي توڙي ايندڙ وهڪري مان 190000 پاڻي ڇڏيو ويو جيڪو تونسا تائين پهچندي 171773 ڪيوسڪ پهتو ۽ سنڌ لاءِ فقط 144724 ڪيوسڪ ڇڏيو ويو آهي، جنهن ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ اڃان به بدترين ٿي ويندي .