سنڌ بجيٽ جي منظوري، اپوزيشن جون 2 هزار کان وڌيڪ ڪٽوتي جون رٿون رد

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ايندڙ مالي سال 2025-26 لاءِ 34 کرب 50 ارب رپين کان وڌيڪ رقم تي مشتمل بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته اپوزيشن پاران پيش ڪيل 2 هزار کان وڌيڪ ڪٽوتي جون تحريڪون رد ڪيون ويون، جڏهن ته عدليا جي ملازمن جي الائونس ۾ ڪٽوتي واري تحريڪ منظور ڪئي وئي آهي، ميمبرن نئين مالي سال لاءِ سمورين گرانٽن ۽ 156 ارب رپين جي ضمني بجيٽ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته پهرين جولاءِ 2025 کان سيڪيورٽي سروسز ۾ گاڏين لاءِ ٽريڪر، سيڪيورٽي ڪئميرائون، الارم سسٽم، انٽرنيٽ، ٽيليفون سروسز، واءِ فاءِ ۽ براڊ بينڊ ڪنيڪشن تي 19.5 سيڪڙو ٽئڪس لاڳو ٿيندو، گاڏين جي خريد ۽ وڪرو ڪندڙن تي 3 سيڪڙو، جڏهن ته ريسٽورنٽس، هوٽلز، فارم هائوسز جي آن لائن ادائيگي ۽ مشروبات تي 8 سيڪڙو ٽئڪس لاڳو ڪيو ويندو، مراد علي شاهه چيو ته پارليامينٽ ۽ اسيمبلي جا ميمبر، بلدياتي نمائندا، ۽ جج ٽربيونل جا ميمبر جيڪي سرڪاري خدمتون سرانجام ڏين ٿا، انهن کي سيلز ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني وئي آهي، نجي رهائشي اسڪيمز ۾ 10 هزار اسڪوائر فوٽ جي گهر تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏني ويندي، جڏهن ته 5 لک رپين تائين جي هيلٿ ۽ لائيف انشورنس تي به ڪو ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو، حج ۽ عمره ٽريول آپريٽرز کي به ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني وئي آهي، زراعت، ٽرانسپورٽ، ننڍن ڪاروبارن ۽ عام ماڻهن لاءِ ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏني وئي آهي، سنڌ هاري ڪارڊ جي تحت 8 ارب رپيا جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته وڏن زميندارن کي 80 سيڪڙو سبسڊي فراهم ڪئي ويندي، آن لائن ٽيڪسي ۽ بس سروسز تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، زرعي شعبي لاءِ ڊريج سيس ۽ لوڪل سيس ختم ڪيا ويا آهن، زرعي انشورنس ۽ اسٽوريج تي به ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي، ڪمرشل گاڏين تي ساليانو ٽيڪس رڳو 1000 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، بجيٽ ۾ انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي مڪمل طور ختم ڪئي وئي آهي، جنهن تحت هاڻ ٿيٽر، سينيما، واٽر پارڪ ۽ ثقافتي تقريبن تي ڪو به ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو، ايوان ۾ 188 مطالبا زر پيش ڪيا ويا، جن مان سڀني جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته اپوزيشن جون 2 هزار کان وڌيڪ ڪٽوتي واريون تحريڪون رد ڪيون ويون۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.