سيوهڻ/نئون ديرو(رپورٽ: خالد ميمڻ+محمد علي جروار)سيوھڻ جي جهاز چوڪ وٽ 3 اڻڄاتل هٿيار بند نئون ديرو واسي ھڪ نوجوان کي سرعام گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد موٽرسائيڪل سوار جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، مقامي ماڻهن 37 سالن جي مقتول کي سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو، ٻڌايو وڃي ٿو ته مقتول موٽر سائيڪل تي هو ۽ هٿيار بند به موٽر سائيڪل تي سوار هئا جن پيڇو ڪري ۽ ويجهي کان کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. مقتول جي سڃاڻپ نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ وسايو جيهو جو رهواسي سعيد احمد پٽ حاڪم علي جيهو طور ٿي آهي جنهن کي ڏاهاڻي ڌر جي هٿياربندن پراڻي دشمبي سبب مخبري ڪري سيوھڻ ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي، مقتول نوجوان سعيد احمد جي وارثن پاران تصديق ڪئي وئي آهي ته واقعو جيها – ڏاهاڻي خوني تڪرار تان پيش آيو آهي. جيها – ڏاهاڻي تڪرار تان هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 17 ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن جنهن ۾ جيها ڌر جا 10 ۽ ڏاهاڻي ڌر جا 7 ڄڻا شامل آهن. ٻئي طرف سيوھڻ پوليس واقعي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري مقتول جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو