اعليٰ عدليه ۾ اقليتي برادري مان هڪ به جج ناهي:وڪيل اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) ناميارن وڪيلن چيو آهي ته اها افسوس جي ڳالهه آهي ته  پاڪستان جي اعليٰ عدليا ۾ ھن وقت ھڪ به جج اهڙو ناهي جنهن جو تعلق مذهبي ٿورائي ۾ رهندڙ ماڻهن سان هجي، جسٽس دراب پٽيل، جسٽس راڻا ڀڳوانداس ۽ بلوچستان ھاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ڪيلاش ناٿ ڪولھي جي رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ مذهبي ٿورائي ۾ رهندڙ برادرين سان تعلق رکندڙ ڪو به جج اعليٰ عدليا ۾ مقرر نه ٿي سگهيو آهي، ان ڏس ۾ اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ نامياري قانوندان يوسف لغاري جو چوڻ ھو ته هيٺين عدالتن ۾ مذهبي ٿورائي وارن ماڻهن سان تعلق رکندڙ ڪيترائي جج توڙي وڪيل موجود آهن, جن جي اعليٰ عدالتن ۾ مقرري ٿي سگهي ٿي نئين آئينيترميم بعد ھاڻي ته ايڊيشنل سيشن جج پڻ ھاءِ ڪورٽ جا جج مقرر ٿي سگھن ٿا. ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي صدر عشرت لوھار چيو ته ملڪ ۾ آئين ھر شيء کان سپريم آھي، ميرٽ تي پورو لھندڙ قابل ۽ ذھين مذهبي ٿورائي ۾ رهندڙ ماڻهن سان لاڳاپيل جج جو اعليٰ عدليا ۾ اچڻ سٺي ڳالھه آھي، ان جي اسان حمايت ڪيون ٿا. ھن چيو ته ماضي ۾ جيڪي به مذهبي ٿورائي طور رهندڙ ماڻهن سان لاڳاپيل جج اعليٰ عدليا ۾ وڏن عھدن تي پهتا ھئا اھي نج ميرٽ جي بنيادن تي ھئا. ھاڻ به اھڙي طرح سان ھندو، سک ۽ ڪرسچن مان جيڪو به قابل وڪيل جج ھجي ان کي اڳيان ميرٽ تي اچڻ گھرجي. حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ جو چوڻ ھو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ مذهبي ٿورائي طور رهندڙ ماڻهو سڀني کان وڌيڪ مظلوم ۽ ڪمزور طبقو آھي. ھن چيو ته جيئن سنڌي ججن سان اعليٰ عدليا ۾ ٻه اکيائي ٿي رھي آھي،  اهڙي ئي نموني سنڌ جي ڌرتي ڌڻين سميت ٻين مذهبي ٿورائي  طور رهندڙ برادرين سان لاڳاپيل قابل ماڻھن کي اعليٰ عدليا ۾ اچڻ نٿو ڏنو وڃي. انھن سان به ٻه اکيائي ٿي رھي آھي. . ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري بابر رسول ميمڻ چيو ته مذهبي طور اقليت ۾ رهندڙ  برادرين جا عدالتن ۾ مسئلا اچن ٿا. ان لاءِ لاڳاپيل ججن کي مقرر ڪرڻ لاءِ حڪومت کي طريقيڪار ٺاھڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.