مورو(ن ع آ)سنڌوءَ درياءَ بچايو ڪاميٽي جو ڪنوينر سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو صدر سيد زين شاھ مورو واقعي ۾ فوت ٿيل نوجوان عرفان لغاري ۽ زاھد لغاري جي تڏي تي پھچي سندن وارثن سان الڳ الڳ تعزيت ڪري ڏک جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي سيد زين شاھ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌوءَ درياءَ مٿان ڪئنال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تحت زمينن جي والار ھرگز ڪرڻ نه ڏني ويندي ھڪ دوکي تحت تحريڪ جي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، 26ھين آئيني ترميم ذريعي ڪورٽن کي ڪمزور ڪيو ويو آھي ۽ حڪومت جي ماتحت بڻايو ويو آھي هن چيو ته حڪمران پر امن سياسي ڪارڪنن تي دھشتگردي جا ڪوڙا ڪيس ڪري رھيا آھن جيڪڏھن ماڻھن کي پرامن سياست نه ڪرڻ ڏيندا ته باقي ڪھڙو رستو آھي ھي وطن فروش آھن جيڪي سنڌ جي وطن دوست ماڻھن کي خوف ۾ وجھي سنڌ وڪڻڻ پيا چاھين. سيد زين شاھ چيو ته سنڌ جي ماڻھن کي ھنن ظالم حڪمرانن مان جان ڇڏائڻي پوندي ان موقعي تي ڄام اسلم ڪوريجو، محمد ياسين سومرو، نياز پنھور، جلال ٽانوري، سڪندر سوڍر، نثار لاکير، محمد ھاشم کوکر، عمران ڪيريو، شوڪت ميمڻ، خميسو خان ڀنڊ، حميد ڪلھوڙو، عبدالفتاح ٻگھيو، امير ڏيپر، روشن ڪوريجو، امتياز ڏاھري ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.