پير جو ڳوٺ (رپورٽ:وسيم سنڌي) پيرڳوٺ ڀرسان وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ڪوٽ پل واري علائقي ۾ جاگيراڻي برادري برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ تان جوابدارن فائرنگ ڪري پيرڳوٺکان موٽر سائيڪل تي ڳوٺ طرف ويندڙ 4 نوجوانن مٿان سڌي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 نوجوان موقعي تي مارجي ويا جن ۾ آفتاب احمد ولد قيصر جاگيراڻي، زبير ولد شاھ محمد، ثناء الله ولد حبيب الله جاگيراڻي شامل آهن جڏهن ته هڪ نوجوان ياسين جاگيراڻي پڻ گوليون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو. واقعي جي اطلاع تي وڏا ماڇيون پوليس ۽ وارثن پهچي لاش تحويل ۾ وٺي خيرپور اسپتال منتقل ڪيا ويا جتي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري وارثن پاران اسپتال ٻاهران لاش رکي ڌرڻو هنيو جنهن کانپوءِ ٽنهي مقتولن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته زخمي ياسين جاگيراڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو جتي هوُ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. مقتولن جي وارثن پاران شاھ حسين باء پاس قومي شاهراه وٽ لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن هلندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي مقتولن جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جا نوجوان پيرڳوٺ جي عدالت ۾ حاضري تي آيل نوجوان سان ملاقات ڪري واپس ڳوٺ طرف اچي رهيا هئا ته رحمت الله جاگيراڻي واري ڌر جي هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري 4 نوجوانن کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي. فوري طور قاتلن کان گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. هنن چيو ته هي واقعو وڏا ماڇيون پوليس جي نااهلي ڪري پيش آيو. ٻئي طرف وڏا ماڇيون پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، جوابدارن جي گرفتاري لاء پوليس چڙهايون ڪري رهي آهي ڇڪتاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء پڻ وڏي انگ ۾ نفري طلب ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته ٻه مهينا اڳ نوجوان محبوب عرف پپو جاگيراڻي ۽ ناري ستاره جاگيراڻي جي مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ قتل کانپوءِ شاهنواز جاگيراڻي ۽ رحمت الله جاگيراڻي واري ڌرين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي جنهن ۾ مقتول محبوب عرف پپو جاگيراڻي جي وارثن جو الزام هو ته هن کي بيگناهه ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هيٺ قتل ڪيو هو