ايران کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ مشڪل بڻجي چڪو آهي: سيڪيورٽي تجزيي نگار

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سيڪيورٽي معاملن جي ماهر چوڌري سجاد جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ صورتحال انتهائي نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ۽ هاڻ ايران کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ جيڪڏهن ناممڪن ناهي ته تمام ڏکيو ضرور بڻجي ويو آهي. اهم ڏينهن شروع ٿي چڪا آهن ۽ عالمي طاقتن جا اثرائتا حلقا متحرڪ ٿي چڪا آهن، جن جا اثر ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ واضح ٿيندا.چوڌري سجاد چيو ته ايران اسرائيل تي بيليسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي شديد حملا ڪيا، جن ۾ ان کي خاصي ڪاميابي به ملي. ان جواب ۾ اسرائيل ايران جي جوهري ۽ فوجي ماڳن تي حملا ڪيا، جن جي نتيجي ۾ ايران ۾ جاني نقصان ٿيو، جڏهن ته اسرائيل به جاني ۽ مالي نقصان کان بچي نه سگهيو. اهڙي صورتحال ۾ گڏيل قومون، يورپي اڳواڻ ۽ عالمي برادري فوري جنگ بندي ۽ سفارتي رستن تي زور ڏئي رهيا آهن.چوڌري سجاد موجب، ايران خلاف هڪ بين الاقوامي منصوبي تحت حڪومت جي تبديلي (رجيم چينج) جي حڪمت عملي سال 2024 دوران تيار ڪئي وئي، جنهن ۾ ايران جي اڳوڻي شاهي خاندان سان ڪيترن ئي ملاقاتن سميت دنيا جي مختلف اهم ملڪن جي شموليت پڻ رهي. هن منصوبي کي 2025 جي شروعات ۾ عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو،هن چيو ته اسرائيلي ڳجهي ايجنسي موساد ايران جي اندر ايترو گهاٽو نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪيئن ٿي؟ ان جو وڏو سبب  ايران جي انٽيليجنس ادارن جون اندروني ڪمزوريون آهن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.