ڪراچي(ع آ نيوز) گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاران تڪراري ڪينال رٿائون رد ڪرڻ باوجود پنجاب ايندڙ مالي سال لاءِ پيش ڪيل بجيٽ ۾ تڪراري ڪينال رٿائن لاءِ رقم مختص ڪري ڇڏي . جلال پور ڪينال لاءِ 3 ارب 60 ڪروڙ مان ھڪ ارب، گريٽر ٿل ڪينال فيز ون لاءِ 8 ارب رپين مان ھڪ ارب، چئوبارا ڪينال لاءِ مختص ھڪ ارب مان 5 لک ۽ چولستان ڪينال لاءِ مختص ھڪ ارب رپين مان 5 لک روپيا خرچ ڪرڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي. بظاھر تہ نہ خرچ جيتريون رقمون رکيون ويون آھن پر اھي رٿائون سندن ترقياتي پلان ۾ رکڻ سان اھو ضرور ثابت ٿئي ٿو تہ پنجاب اھي رٿائون ختم ڪرڻ لاءِ بالڪل بہ تيار ناھي.