اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ شازيا مري پارليامينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي واضح ڪيو ته سندن جماعت کي موجوده وفاقي بجيٽ تي شديد اعتراض آهن ۽ بجيٽ جي تياري وقت پيپلز پارٽي کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو. شازيه مري چيو ته پيپلز پارٽي پهرئين ڏينهن کان ردعمل ان ڪري نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته حڪومت سان ڳالهه ٻولهه جاري هئي ۽ اميد هئي ته تحفظات ختم ڪيا ويندا، پر ائين نه ٿي سگهيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي پبلڪ سيڪٽر ترقياتي پروگرام ۾ جيڪي مسئلا هئا، اهي اڃا به موجود آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ به پيپلز پارٽي سان ناانصافي ٿي رهي آهي،هن چيو ته سندن جماعت بجيٽ ۾ سولر پينلن تي 18 سيڪڙو ٽيڪس کي رد ڪري ٿي ۽ وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ سنڌ سان تعصب روا رکيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ جون ڪيتريون ترقياتي اسڪيمون وفاق حوالي ڪيون ويون آهن ۽ سنڌ جي يونيورسٽين لاءِ رکيل رقم به مڪمل طور تي نه ملي،هن چيو ته وفاقي حڪومت جيڪي دعوائون ڪري ٿي، انهن تي عمل نٿي ڪري، ۽ طنزيه انداز ۾ چيو ته سکر موٽر وي لاءِ جيڪا رقم رکي وئي آهي، اها اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. شازيا مري واضح ڪيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي جا مطالبا نه مڃيا ويا ته هو اپوزيشن بينچن تي ويهي رهندي، ڇاڪاڻ ته اپوزيشن ۾ ويهي عوام جي حقن جي کلي نموني وڪالت ڪري سگهجي ٿي.