ڪئنالن،ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ بدين ۾ پاڻي کوٽ خلاف اياز پليجي جي اڳواڻي ۾ مارچ

بدين( رپورٽ: رازق ڏنو کوسو)قومي عوامي تحريڪ ضلعي بدين پاران ڪينالن جي مستقل خاتمي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ بدين ضلعي ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شازيه احمداڻي، بختاور جمالي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن عبدالله چانڊيو، ، بچل احمداڻي، رشيد گوپانگ، حسين درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن ﷲ والا چوڪ کان پيادل مارچ ڪيو ويو جيڪو شھر جي مختلف علائقن مان ٿيندو پريس ڪلب بدين وٽ پھتو جتي جلسي عام ۾ تبديل ٿي ويو، جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ سان وڏو فراڊ ۽ دوکو ٿيو آهي، سنڌ جون زمينون ۽ پاڻي کسيو ويو هو ان جي حوالي سان سنڌ جي ماڻهن کي ٻڌايو ويو ٺڳي، سازش، اٽڪل ۽ دوکو ڪري چيو ويو ته ڪم ٿي ويو ڪئنال ڪونه ٿا ٺهن، هن  چيو ته نه زمينون واپس ٿيون، نه ڪارپوريٽ فارمنگ ختم ٿي، نه ئي ڪئنال ختم ٿيا هاڻ ته چون ٿا وڌيڪ ڊيم ٿا ٺاهيون هن چيو ته  وڏيرا جاگيردار، سردار، مرشد لڪل آهن، پر ھن گرمي ۾ اياز لطيف پليجو، سنڌياڻي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن پنهنجي درياھ، زمينن، وسيلن کي بچائڻ لاءِ ميدان تي بيٺا آهن سنڌ جي ھر شھر ۽ ڳوٺ کي مزاحمت جو قلعو ٺاھينداسين آئون سنڌ کي سمھڻ نه ڏيندس ، سنڌ جي پورھيتن ۽ ھيٺين وچولي طبقي جو ٻچو ٻچو پنھنجي وطن، ڪئنالن خلاف آخري گھڙي ۽ آخري فتح تائين وڙھندو. هن چيو ته  ھن سنڌ دشمن منصوبي ۾ آصف علي زرداري وفاقي حڪومت سان ڀاڱي ڀائيوار آهي. سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن. عبدالله چانڊيو خطاب ڪندي چيو پيپلز پارٽي حڪومت کي سنڌ سان ڪو به پيار ناھي. ھنن کي اقتدار ۽ پئسي سان پيار آھي. ان لاءِ ھو درياھ وڪڻي رھيا آھن، سانول گوپانگ چيو ته  پيپلزپارٽي نواز ليگ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي ۽ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون گرين پاڪستان جي نالي ۾ مختلف ڪمپنين کي ڏئي سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪرڻ چاھين ٿيون. بچل احمداڻي چيو ته  وفاقي حڪومت ڪينال ڪڍڻ واري ھوڏ تان نه لٿو ته پوءِ سنڌي جو عوام پنجاب ڏانهن ويندڙ رستن کي ھڪ دفعو ٻيهر بند ڪري ڇڏيندو ،شازيه احمداڻي چيو ته  سنڌ جون نياڻيون جيستائين زنده آھن تيستائين پنهنجي سنڌو درياھ ۽ زمينن تي قبضو ٿيڻ ھرگز نه ڏينديون. بختاور جمالي چيو ته  شھباز شريف ڪا نئين يونيورسٽي ڇو نٿو سنڌ ۾ ٺاھي. ڪا نئين اسپتال، ڪو صنعتي زون ڇو نٿو سنڌ ۾ قائم ڪري جنھن جو سنڌ کي فائدو ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.