ڪراچي ۾ ٻيهر زلزلي جا لوڏا

ملير (ڊ ر) ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪجهه منٽن جي وقفي سان ٻيهر زلزلي جا ٻه هلڪا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ڪيترائي ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. زلزلا پيما مرڪز موجب پهرين زلزلي جي شدت 2.5 ۽ ٻي زلزلي جي شدت 2.6 ريڪٽر اسڪل تي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ٻنهي زلزلي جو مرڪز ڊي ايڇ اي سٽي جي آس پاس 40 ڪلوميٽر زمين جي کوٽائي ۾ هو. واضح رهي ته ڪراچي ۾ پهرين جون کان وٺي زلزلي جا جاري جھٽڪا هينئر تائين مجموعي طور 42 ڀيرا محسوس ڪيا ويا آهن، جيڪي شهرين لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.