نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي مخالف ڌر جي اهم اڳواڻ ۽ راهول گانڌي جي ڀيڻ پريانڪا گانڌي چيو آهي ته غزا لاءِ انساني امداد جي قرارداد جي حق ۾ ووٽ نه ڏيڻ مودي سرڪار جو شرمناڪ ۽ انسانيت مخالف فيصلو آهي، پريانڪا گانڌي پنهنجي بيان ۾ چيو ته غزا ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 60 هزار فلسطيني شهيد ڪيا ويا، ان جي باوجود ڀارت طرفان انساني امداد جي حق ۾ ووٽ نه ڏيڻ افسوسناڪ آهي، هي فيصلو ڀارت جي سامراج مخالف پاليسيءَ جي ڀڃڪڙي آهي،
هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو فلسطيني قوم کي زمين تان مٽائڻ جي سازش ۾ لڳل آهي، جڏهن ته مودي سرڪار انهيءَ تي جشن ملهائي رهي آهي، پريانڪا گانڌي مودي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ڀارت، پنهنجي تاريخي اصولن ۽ عالمي قدرن جي ابتڙ، ايران تي اسرائيلي حملن ۽ ايران جي عسڪري قيادت جي قتل تي خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيو آهي، جيڪو بيحد مايوس ڪن آهي.