ڪراچي ۾ اڄ کان برسات ۽ مٽيءَ جي طوفان جي اڳڪٿي

ڪراچي(رپورٽر) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سومر ڏينهن تي ڪراچيءَ ۾ کنوڻ سان گڏ مينهن ۽ مٽيءَ واري آندهي اچڻ جوامڪان آهي،موسميات کاتي موجب، ملڪ جي اترين علائقن تي مغربي هوا جو سلسلو اثرانداز ٿي رهيو آهي، جڏهن ته اوڀر سنڌ ۾ نمي سان ڀريل هوائون داخل ٿي رهيون آهن،شهر جو تيز برسات پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جي توقع آهي. صبح جو نمي جو تناسب 70 کان 80 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿو،موسميات کاتي جي ايڊوائزري موجب سومر ڏينهن ڪراچي ڊويزن ۾ گجگوڙ ۽ مٽيءَ واري آندهي سان گڏ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته اڱاري ڏينهن ڪراچيءَ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي ڪٿي مينهن وسڻ جو امڪان آهي،هن موسم سسٽم جي اثر هيٺ سنڌ جي هيٺين ضلعن ۾ ڪٿي ڪٿي مٽيءَ واري آندهي سان گڏ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، گهوٽڪي، سکر، جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، خيرپور، دادو، نوشهروفيروز، شهيد بينظيرآباد، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، حيدرآباد، مٽياري، ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ڄامشورو ۾ به برسات جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب، 16 ۽ 17 جون تي هلڪي کان وچولي شدت جي برسات سان گڏ مٽيءَ جي آندهي اچڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.