واشنگٽن(م ڊ)آمريڪا جي سينيٽر برني سينڊرز ايران تي اسرائيل جي حملي کي غيرقانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا کي اسرائيل جي ٻي جنگ ۾ نه گهلي سگهجي ٿو،هن جو چوڻ هو ته ايران جي نيوڪليئر پروگرام بابت آچر ڏينهن اهم ڳالهين جو شيڊول طئه ٿيل هو، پر اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ان کان اڳ ايران تي غيرقانوني حملو ڪري ڇڏيو،هن وڌيڪ چيو ته هن حملي ۾ جنگبندي لاءِ ڪوشش ڪندڙ سڀ کان اهم ثالث کي ماريو ويو، جيڪو امن جي اميد هو،هي قدم آمريڪا جي سفارتڪاري کي سخت نقصان پهچائيندڙ آهي