هاءِ ڪورٽ مورو واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي( رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  مورو واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ بابت داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت چيو ته جاچ لاءِ  آءِ  جي سنڌ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته پوليس ۽ سنڌ حڪومت مليل آهن، جنهن بعد عدالت سنڌ حڪومت کي جوڙيل ڪميٽي بابت جاچ ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، عدالت درخواستگذارن جي وڪيل کي چيو ته جيڪڏهن ان مان اوهان مطمئن نه ٿيو ته ٻيھر اپيل ۾ اچجو، ٻڌڻي دوران ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته جاچ لاءِ ڪو ٽائيم پيرڊ ڏنو وڃي، جنهن تي عدالت انڪار ڪري ڇڏيوآهي، ياد رهي ته درخواست مورو واسي قربان لغاري داخل ڪئي هئي، ٻڌڻي دوران وڪيل ڪي بي لغاري، عامر نواز وڙائچ ، اشرف سمون،عاقب راڄپر، گل حسن ڀنڀرو، حسيب پنهور، مريد علي شاھ، غلام رسول سهو ۽ ٻيا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.