اسلام آباد(امتيازگل) القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ اسلام آباد ھائي ڪورٽ پاران ٻڌڻي جي ايندڙ تاريخ ٻھ ھفتا بعد جي ڏني وئي آھي.اھو بھ امڪان آھي تھ ان دوران عدالتن ۾ گرمين جون موڪلون ھونديون.ھميشھ اھڙن اھم ڪيسن ۾ اسان اھڙا تاخيري حربا ڏسندا آيا آھيون .سوال ھي آھي تھ ائين ڇو ٿي رھيوآھي ۽ اسٽيبلشمنٽ ۽ حڪومت وٽ ڪھڙا آپشن آھن جن کي استعمال ڪندي ھنن عمران خان کي مسلسل پاسيرو پئي ڪيو آھي. نھ کيس وڪيلن سان ملڻ ڏنو وڃي ٿو نھ وري عدالتي پيشي ٿئي ٿي.ڪجھ ڏينھن اھا اميد ڏيکاري پئي وئي تھ شايد 11 جون تي کيس ضمانت ملي وڃي. فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير آمريڪي دوري تي وڃڻ وارو آھي ۽ اتي واشنگٽن ۾ ھزارين پاڪستان احتجاج لاءِ گڏجڻ جي تياري ۾ آھن.پر ڇا اھواحتجاج ڪامياب ٿيندو ڪواثر يا دٻاءُ پوندو؟ ٽرمپ انتظاميا تي ڪو پريشر پوندو يا جيو پوليٽيڪل مصلحتون رڪاوٽ بڻجي وينديون.ٻي پاسي زلمي خليل زاد ھڪ ٽوئٽ ڪندي چيو آھي تھ فيلڊ مارشل جي آمريڪي دوري دوران ممڪن آھي تھ چين آمريڪا لاڳاپن جي بھتري جي حوالي سان ڪا آڇ ڪئي وڃي ان سان گڏ معدنيات ۽ دھشتگردي ۾ سھڪار جي حوالي سان بھ معاملا ويچار ھيٺ ايندا. پاڪستان جون موجودھ حالتون ڏسي مون کي مصر جون حالتون ياد اچن ٿيون جتي گذريل ٻارھن تيرھن سالن کان جنرل سيسي مسلسل بي تاج بادشاھھ بڻيل آھي.اتي مخالفن سان بدترين سلوڪ ٿي رھيوآھي، عدالتون ۽ ميڊيا آزاد ناھي پر آمريڪا کان مسلسل امداد ملي رھي آھي. خدشوآھي تھ پاڪستان به ايئن نھ ٿي وڃي.ان جو سبب بھ آھي. يو ايس سينٽرل ڪمانڊ سربراھ مائيڪل ڪوريلا سينيٽ اڳيان خارجھ تعلقات جي ڪميٽي سامھون بيان ڏنو آھي تھ پاڪستان اندر اسان جي اوليت انسداد دھشتگردي آھي آئي ايس ايس ۽ دائش آھن پاڪستان انھن خلاف زبردست ڪارروايون ڪري رھيوآھي.گھٽ ۾ گھٽ 5 ھائي ٽارگيٽ داعش دهشت گرد پڪڙيا ويا آھن.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، خميس 12 جون 2025ع تي شايع ٿيو