ڀارت کي ڪن مان جهلي ڳالهين لاءِ آڻڻو پيو ته آمريڪا آڻيندو\بلاول ڀٽو

لنڊن (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا کي ڀارت کي ڳالهين لاءِ ڪن کان وٺي آڻڻو پيو ته هو آڻيندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ ڀارت جي امن ۾ پوري دنيا جو مفاد آهي، لنڊن ۾ پارلياماني وفد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ڪيترائي ڀيرا دهشتگردي جي ثبوتن جو مطالبو ڪيو، پر ڀارت ڪابه شاهدي پيش نه ڪري سگهيو. ڀارت کي خبر آهي ته پاڪستان جو دهشتگردي سان ڪو به تعلق ناهي. ڀارت جون سڀ ڪوششون ناڪام ٿينديون ۽ اسان هر حال ۾ امن قائم ڪنداسين، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي، ڪشمير ۽ پاڻي سميت هر مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو، صدر ٽرمپ به ڪيترائي ڀيرا واضع طور تي چيو آهي ته ڪشمير تي ڳالهين ٿيڻ گهرجن، آمريڪا کي جيڪڏهن ڀارت کي ڳالهين لاءِ ڪن کان وٺي به آڻڻو پيو ته هو آڻيندو، ڇو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن دنيا جي مفاد ۾ آهي، بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ڀارت سِک برادري خلاف منظم مهم هلائي رهيو آهي، ڀارت پاڪستان ۾ به دهشتگردي جون ڪارروائيون ڪرايون، اسان ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو پرڏيهه ۾ دهشتگردي ختم ڪري، هن وڌيڪ چيو ته پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيڻ به گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهي، تازين حالتن مان ثابت ٿيو آهي ته پاڪستان جيترو به ننڍو هجي، هو هر ميدان ۾ ڀارت کي هارائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، فتح کان پوءِ جنرل عاصم منير کي فِيلڊ مارشل جو عهدو ڏيڻ سندن صلاحيتن جو اعتراف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.