بجيٽ تڪراري بڻجي وئي،واپاري ۽ آبادگار پريشان،اشرافيه جون مراعتون برقرار؟

اسلام آباد(طلعت حسين) ھن بجيٽ مان ڪاروباري طبقو خوش ناھي، مختلف چيمبرز جي ماڻھن سان ڳالھھ ٿي تھ اھي ان تي ڇتا ٿي پيا ۽ ڪيترائي بنيادي سوال ھنن اٿاريا.لاھور چيمبر جي نمائندي تھ چيو ھي مٿو پٽڻ جو وقت آھي سڀ ڪجھھ تباھھ ٿي ويو آھي.پاڪستان تي اشرافيه جو قبضو ٿي ويوآھي. ٻيا صدر بھ جيڪا ڳالھھ ڪري رھيا ھيا ان ۾ نااميدي ھئي.جڏھن تھ عام تاثر اھوآھي تھ صنعتڪار نواز ليگ حڪومت ۾ خوش ھوندا آھن. جڏھن زراعت جي ننڍي يا وچولي نمائندن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪئي تھ اھي تھ اڃان وڌيڪ دانھون ڪري رھيا ھيا سندن مطابق روايتي زراعت تي حڪومت جو ڌيان ناھي ان کي فري مارڪيٽ حوالي ڪيو ويوآھي.فصلن جي ٻيڙي ٻڏي وئي آھي ڪمرشل ڊيري فارمنگ ، ڪمرشل پولٽري فارمنگ ھاڻي فصلن جي جاءِ وٺي رهي رھي آھي.ھندستان اندر وڌ کان وڌ ٽيڪس21 سيڪڙو آھي ربيٽ جيڪا ملي ٿي سا 31 جي ويجھوآھي.پاڪستان اندر ربيٽ زيرو آھي ۽ ٽيڪس  جي شرح ساڍا پنجٽيھھ يا 36  آھي.سو پاڪستان اندر جيڪا سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ڪميونٽي آھي ان جو ڪچومر نڪري ويوآھي.پوئين بجيٽ ۾ پگھاردارن کان 460 ارب روپيا اوڳاڙڻا ھئا جيڪي 500 ارب رپيا ڪيا ويا.رٽيليرز ۽ ايڪسپورٽرز صرف 150 بلين ٽيڪس ڀريو آھي.سو پگھاردار چار سئو سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس ڀرين ٿا.سوچيوسين پوسٽ بجيٽ ۾ ڪجھھ سوالن جا جواب ملي ويندا پر اتي صحافين جو بائيڪاٽ شروع ٿي ويو صحافين اعتراض واريو تھ توھان پھريون  ايف بي آر جي ٽيڪنيڪل معاملن تي بريفنگ ڏيندا ھئا ساڍا ٽي چار سئو صفحن جو دستاويز آھي ان تي توھان بريفنگ ناھي ڏني. سو ان خالي ھال کي بعد ۾ سرڪاري ملازمن سان ڀريو ويو.بجيٽ تي اڃاڻ پارليامينٽ ۾ بحث ٿيندو پر ان کان اڳ ئي اھو تڪراري بڻجي وئي آھي.ھن وقت اھو تاثر بڻجي ويوآھي سرڪار پاران تھ جيڪو ڪم توھان کي ڪرڻوآھي ڪري ڇڏيو ڇو جو ھوائون توھان جي حق ۾ آھين، ان جي پرواھھ نھ ڪريو تھ ڪير ڪاوڙجي ٿو يا ڇا ٿو چوي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز،  خميس 12 جون 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.