لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته قوم تي عوام دشمن، غريب ختم ڪريو، زراعت تباهه ڪريو واري بجيٽ مڙهي وئي آهي، ناڻي وارو وزير بجيٽ پيش ڪندي پاڻ پريشان نظر آيو، حڪومتي بينچن تان به ڇرڪ نڪري رهيا هئا، اهڙي عوام دشمن بجيٽ خلاف عوامي احتجاج ضرور ٿيندو، هن چيو ته عوام آءِ ايم ايف جو غلام ناهي، حڪومت بجيٽ ذريعي زراعت کي تباهه ڪرڻ ۽ هارين کي زنده دفن ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته جيڪا حڪومت ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچائڻ جو دعويٰ ڪري رهي آهي، ساڳي حڪومت عوام کي معاشي طور تي ڏيوالو ڪڍي رهي آهي.