هيوسٽن ۾ ڀارتي سفارتخاني آڏو سکن ۽ ڪشميرين جو احتجاج

هيوسٽن (م ڊ) آمريڪا جي شهر هيوسٽن ۾ ڀارتي سفارتخاني آڏو سکن ۽ ڪشميرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جيڪو سکن جي تنظيمن ۽ فرينڊز آف ڪشمير پاران 1984ع جي آپريشن بليو اسٽار جي ورسيءَ جي مناسبت سان ڪيو ويو. مظاهري دوران شرڪت ڪندڙن خالصتان، آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ آمريڪا جا جهنڊا کڻي، خالصتان جي قيام ۽ والاريل ڪشمير جي آزاديءَ جا نعرا هنيا. مظاهري کي فرينڊز آف ڪشمير جي چيئرپرسن غزالا حبيب، سک اڳواڻن ڊاڪٽر هردم سنگھ آزاد، سک وندر سنگھ، گورميل سنگھ، ديان سنگھ ۽ ٻين خطاب ڪيو. سندن چوڻ هو ته مودي حڪومت سکن ۽ ڪشميرين لاءِ زندگي تنگ ڪري ڇڏي آهي، ڀارتي رياستي دهشتگردي رڳو هندستان تائين محدود ناهي رهي، پر پاڪستان ۽ ڪينيڊا ۾ سکن جي قتل ۾ به ڀارت ملوث آهي، جنهن جا ثبوت موجود آهن. اڳواڻن چيو ته ڀارت آمريڪا ۾ به قتلن جي رٿابندي ڪئي، جيڪا ان جي دهشتگرد رياست هجڻ جو ثبوت آهي، ڇاڪاڻ ته هو ٻين ملڪن ۾ به شهرين کي نشانو بڻائي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.