ڪجهه صحافين جي نظر ۾ملڪ ۾ کير ماکي جون نديون وهندڙ،عام ماڻھو اھنجن جوشڪار

اسلام آباد(اسدطور)اڄ ڪلھھ ڪجھھ صحافين کي ملڪ اندر ھر پاسي ترقي ئي ترقي نظر اچي رھي آھي جھڙوڪر ملڪ ۾ سڀ ڪجھھ ٺيڪ ٿي ويوآھي.پر حقيقت اھا آھي جو ماڻھو گھرن کان عيد ڏينھن ٻاھر نڪري روڊ ڪنار لڳل ڇٻر تي فيملي سان گڏ ويھڻ کي بھ پاڻ لاءِ رليف سمجھي رھيا آھن ڇاڪاڻ تھ اھي ڪنھن سٺي تفريحي ماڳ تي وڃڻ جيتري سگهھ نھ ٿا رکن. اسان جي جز وقتي تحقيقي صحافي جن کي اسلام آباد ڪلب جي ممبرشپ مليوئي آھي سڀني کي خبر آھي تھ اسلام آباد ڪلب جي ممبرشپ فيس 60 کان 80 لک ھوندي آھي.ان بعد بھ ورھين تائين انتظار باوجود ممبرشپ ناھي ملندي.پر ھنن کي فورن اھا ھڏي ڏني وئي آھي.سو اتي ويھي ايليٽ وانگر ڏسندئو تھ ھر شيٰ سھڻي نظر ايندي.سو توھان کي عام ماڻھو جي حالت زار نظر نھ ايندي.سو ڇا پاڪستاني پاسپورٽ جي عزت وڌي وئي آھي؟ ويزا آن ارائيول ٿي ويوآھي.ڇا اسان جي عدليھ جي رينڪنگ بھتر ٿي آھي يا اڃان ڪري آھي.جبر گھٽيوآھي؟ سياسي قيدي آزاد ٿيا آھن؟ بلوچ ھينئر تائين گم ٿيل آھن يا جيلن ۾ آھن. ورلڊ بينڪ مطابق 45 سيڪڙو پاڪستاني خط غربت کان ھيٺ زندگي گھارين ٿا.اھو بھ 2018  جو ڊيٽا آھي.2018 کان پوءِ جيڪا مھانگائي ٿي ان جو ڊيٽا تھ اڃان استعمال ئي نھ ٿيوآھي.پھريون تھ ھيٺين گريڊ وارا ملازم ورلي ڪو اوڌر گھرندا ھئا ھاڻي تقريبن ھر مھيني جي 20 پنجويھين کان پوءِ سندن پگھارون ختم ٿي وڃن ٿيون.پارليامينٽيرين جي پگھارن ۾ 300 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي کين رھائش پيٽرول سڀ مفت آھي. ايتري قدر جو ھڪ ايم اين کي ڏٺم ان جو نوڪر پنج ست وڏيون ٿيلھيون دوائن جون کڻي ويو جيڪي بھ کين مفت ملنديون آھن پوءِ استعمال ڪندا آھن يا کپائيندا آھن سا کين خبر.سوال آھي تھ ڇا عام ماڻھن لاءِ علاج جون سھولتون، آمدني ۾ واڌ يا تعليم جي سھولت کين ملي آھي؟ ڪوئي اھا ڏيکاري تھ سمجھھ ۾ اچي. شھبازشريف ڪو بھ فرق پيدا ناھي ڪري سگھيو.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اڱارو 10 جون 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.