غزا ۾ بک وگهي 29 ٻار فوت، امداد کڻي ويندڙ ٻيڙي کي اسرائيل روڪي ڇڏيو

جنيوا/روم/غزا (م ڊ) اسرائيلي فوج غزا امداد کڻي ويندڙ ٻيڙي ميڊلين کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. فريڊم فلوٽيلا ڪوليشن ۾ شامل ٻيڙي کي عالمي سمنڊ ۾ روڪي ان جو گهيرو ڪيو ويو، ڪميونيڪيشن کي جام ڪري جهاز ۾ سوار ماڻهن کان موبائيل فون بند ڪرايون ويون جنهن سان لائيو نشريات بند ٿي وئي. اسرائيلي فوج ماڻهن تي ڊرون حملي سان اهڙي اسپري ڪئي جو سندن کل متاثر ٿي. اسرائيلي پرڏيهي وزارت به تصديق ڪندي چيو ته فلوٽيلا کي اسرائيل جي اشدود پورٽ منتقل ڪيو ويو. ٻيڙي ۾ مقبول ماحولياتي ڪارڪن گريٽا ٿنبرگ ۽ يورپي پارليامينٽ جي ميمبر ريما حسن سميت مختلف ملڪن جا 12 ڄڻا سوار هئا. فريڊم فلوٽيلا ڪوليشن چيو ته اسرائيل ٻيڙي کي زبردستي روڪيو. ٻيڙي پهرين جون تي اٽلي مان رواني ٿي هئي. ايران ۽ ترڪيه سميت ٻين ملڪن پاران ٻيڙي روڪڻ جي مذمت ڪئي وئي. ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته اسرائيل دهشتگرد رياست طور ڪم ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي گڏيل قومن خبردار ڪيو ته غزا ۾ امداد جي بندش سبب غذائي کوٽ موت مار بحران جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته گذريل مهيني گهٽ ۾ گهٽ 29 فلسطيني ٻار ۽ پيرسن بک وگهي موت جو کاڄ بڻجي ويا. غزا ۾ 50 هزار ٻارن مان 5.8 سيڪڙو سخت غذائي کوٽ شڪار ڏٺا ويا جيڪا خطرناڪ صورتحال آهي ۽ هاڻي ان شرح ۾ ٽيڻ تي واڌ ٿي آهي. انساني حقن جي تنظيمن ۽ گڏيل قومن جي ادارن جنگ بندي، امداد جي مڪمل بحالي ۽ طبي مرڪزن جي بحالي جي گهر ڪئي. هوڏانهن غزا تي اسرائيلي بمباري عيد جي ڏينهن دوران به جاري رهي جنهن ۾ حماس اڳواڻ اسعد ابو شريعه سميت 40 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا. ٻئي پاسي آمريڪي ڪانگريس جي 92 ميمبرن ٽرمپ کان مطالبو ڪيو ته غزا امداد پهچائڻ لاءِ سفارتي طريقا استعمال ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.