اسلام آباد(م ڊ) مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان حڪومت جي معاشي انگن اکرن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ غربت 44.7 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته گذريل ٽن سالن ۾ صرف ڪڻڪ جي قيمت ۾ 50 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.پي ٽي آءِ جي اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم ۽ ٻين ساٿين سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمر ايوب چيو ته حڪومت طرفان پيش ڪيل اقتصادي سروي صرف ”ليلا بجٽ“ آهي، ڇو ته عوام جي قوت خريد مڪمل طور تباهه ٿي چڪي آهي.هن چيو ته 2022ع ۾ جيڪو ماڻهو 50 هزار رپيا ڪمائيندو هو، اڄ ان جي آمدني جي حقيقي قوت صرف 22 هزار رپيا جي برابر رهي آهي. جڏهن ته منصوبه بندي لاءِ رکيل بجيٽ مان 80 سيڪڙو استعمال ئي نه ڪيو ويو، جيڪو وڏي بدانتظامي جو ثبوت آهي.عمر ايوب چيو ته پيٽروليم مصنوعات تي پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي هن وقت 80 رپيا في ليٽر آهي، جيڪا وڌائي 100 رپيا ڪرڻ جي تياري آهي، جڏهن ته 2022ع ۾ اها صرف 20 رپيا هئي.آخر ۾ هن خبردار ڪيو ته قانون جي بالادستيءَ کانسواءِ سرڪاري ادارن جي نجڪاري ممڪن نه ٿيندي، ۽ موجوده معاشي پاليسين سان عوام جي مشڪلاتن ۾ واڌ ٿيندي.