مهانگائي جي ڪري ماڻهن جي قوت خريد گهٽ ٿي وئي:عارف حبيب

ڪراچي(م ڊ) معروف صنعتڪار عارف حبيب چيو آهي ته گذريل سال زرعي شعبي جي ڪارڪردگي بهتر نه هجڻ سبب ملڪ جي مجموعي معاشي واڌ) جو هدف حاصل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ڪڻڪ جي قيمت ۾ گهٽتائي جي نتيجي ۾ ايندڙ فصل لاءِ سيڙپڪاري گهٽ ٿي وئي.جيو نيوز‘ سان ڳالهائيندي عارف حبيب چيو ته جيڪڏهن پيداوار جي لاڳت گهٽ ٿيندي ته پوکائي لاءِ زميندارن جا موقعا وڌندا. هن چيو ته آءِ ايم ايف به ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس جاري رکڻ جي حامي ناهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته زميندارن کي بهتر فصل لاءِ مالي سهولتون ۽ معياري ٻج فراهم ڪيا وڃن.هن زور ڏنو ته نئين مالي سال لاءِ مناسب واڌ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، پر ان لاءِ زرعي ۽ وڏي پيماني تي صنعتن (LSM) ۾ بهتري آڻڻ ضروري آهي،مهانگائي جي ڪري ماڻهن جي قوت خريد گهٽ ٿي وئي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.