ڪراچي/لاهور (م ڊ) ملڪ ۾ عیدالاضحيٰ جي موقعي تي قرباني جي جانورن جي وڪري ۾ 30 سيڪڙو تائين گهٽتائي رپورٽ ٿي جيڪا پاڪستان جي 78 سالن جي تاريخ ۾ بدترين ثابت ٿي سگهي ٿي. خيبراپختونخوا جي ناڻي بابت صلاحڪار مزمل اسلم موجب معاشي بحران سبب ماڻهن جي خريداري جي قوت گهٽجي وئي آهي جنهن جو اثر جانورن جي منڊين تي به پيو. ڪراچي ۾ عيد جي ٽئين ڏينهن تائين به منڊيون ويران رهيون، جانورن جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي باوجود خريدار نه آيا. ڪيترائي واپاري جانور وڪڻي نه سگهيا ۽ واپس وڃڻ تي مجبور ٿيا. لاڙڪاڻي مان آيل هڪ واپاري شڪايت ڪئي ته ڊيڍ ڪروڙ جو جانور 70 لک ۾ به نٿو وڪرو ٿئي، جڏهن ته پاڻي ۽ رهائش لاءِ به تمام گهڻو خرچ ٿيو. هن واپارين کي صلاح ڏني ته ايندڙ عيد تي ڪراچي ۾ منڊي نه لڳائين. ٻئي طرف پنجاب جي 292 منڊين مان 15 لک مان 11 لک کان وڌيڪ جانور وڪرو ٿيا. رڳو لاهور ۾ 6 لک 65 هزار، فيصل آباد ۾ 88 هزار ۽ راولپنڊي ۾ 46 هزار جانور وڪرو ٿيا.