ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن لاءِ نون آبي ذخيرن جو اعلان ڪيو ويو آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پريس رليز) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، مرڪزي اڳواڻ پرهه سومرو ۽ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي سرڪار نون آبي ذخيرن لاءِ ڪميٽي جوڙي سنڌو درياهه تي وڌيڪ ڊيمن ٺاهڻ جو سنڌ دشمن منصوبو جوڙيو آهي. ڇهن ڪينالن سميت نوان آبي ذخيره سنڌ سڪائڻ جي سازش آهن. نون آبي ذخيرن وسيلي سنڌ کي بنجر بڻايو پيو وڃي. پنجاب جا حڪمران پنهنجي هوڏ تان هيٺ لهڻ لاءِ تيار نه آهن. سنڌ سان بنگالين وارو رويو رکيو ويو آهي. هنن چيو ته  سنڌ جو عوام ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف پنهنجي پرامن سياسي جدوجهد جاري رکندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.