اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران پيپلزپارٽي ليبر ونگ جي انچارج چودھري منظور چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي ۽ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 50 هزار مقرر ڪئي وڃي. هن چيو ته ورلڊ بينڪ جي سروي موجب پاڪستان جي 44 سيڪڙو آبادي، يعني 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جو شڪار آهن، ان صورتحال ۾ حڪومت کي مزدورن ۽ ملازمن کي رليف ڏيڻ گهرجي. چودھري منظور ٻڌايو ته اهي مطالبا صدرِ پاڪستان سان شيئر ڪيا ويا آهن، جن پيپلزپارٽي جي پارلياماني پارٽي سان شيئر ڪرڻ جو مشورو ڏنو. هن مطالبو ڪيو ته صنعتي مزدورن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ڊيث گرانٽ 8 لکن مان وڌائي 10 لک ڪئي وڃي، ميريج گرانٽ 4 لک مان وڌائي 5 لک ڪئي وڃي، اي او بي آءِ جي پينشن جيڪا هن وقت لڳ ڀڳ 10 هزار آهي، ان ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت انهن مطالبن تي عمل نه ڪيو ته پيپلزپارٽي ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪندي، ۽ بجيٽ جي موقعي تي ٿيندڙ احتجاجن ۾ شرڪت به ڪئي ويندي.