اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي بجيٽ ۾ وڏين ڪمپنين لاءِ سپر ٽيڪس گهٽائڻ جي تياري ڪري رهي آهي. ايف بي آر جي ذريعن موجب، ساليانو 15 ڪروڙ رُپيا منافعو ڪمائيندڙ ڪمپنيون سپر ٽيڪس کان آجيون رهنديون، جڏهن ته 20 ڪروڙ تائين منافعو حاصل ڪندڙن لاءِ سپر ٽيڪس هڪ سيڪڙو مان گهٽجي اڌ سيڪڙو ٿيڻ جو امڪان آهي. اهڙيءَ ريت، 25 ڪروڙ تائين منافعو ڪمائيندڙن تي ٽيڪس 2 سيڪڙو مان گهٽجي 1.5 سيڪڙو ٿي سگهي ٿو. ساليانو 30 ڪروڙ رُپين تائين منافعو ڪمائيندڙن تي سپر ٽيڪس 3 سيڪڙو تي برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 30 ڪروڙ کان وڌيڪ منافعو ڪمائيندڙ ڪمپنين تي 4 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو رهڻ جي اميد آهي. ايف بي آر جو چوڻ آهي ته ڪارپوريٽ سيڪٽر لاءِ انڪم ٽيڪس جي شرح ۾ في الحال ڪا گهٽتائي نه ٿي سگهندي. بجيٽ ۾ امپورٽڊ شيون ۽ خام مال لاءِ به تجويز ڪيون ويون آهن، جن ۾ 850 سي سي گاڏين تي سيلز ٽيڪس 5.5 سيڪڙو وڌائڻ، جڏهن ته 3500 کان وڌيڪ درآمدي شين تي ريگيوليٽري ڊيوٽي ۾ گهٽتائي جو امڪان شامل آهي. مقامي صنعت لاءِ امپورٽ ٿيل خام مال تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ، ۽ تعميراتي شعبي لاءِ به ٽيڪسن ۾ نرمي جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.