روزگار لاءِ لکين پاڪستاني پرڏيهه هليا ويا

اسلام آباد: اقتصادي سروي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال دوران لکين پاڪستاني روزگار لاءِ پرڏيهه هليا ويا آهن، انهن ماڻهن جو سڀ کان وڏو انگ پنجاب مان آهي، جتان هڪ سال جي دوران 4 لک 4 هزار 345 ماڻهو ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويا، خيبر پختونخواهه مان 1 لک 87 هزار ، سنڌ مان 60,424 ماڻهو روزگار لاءِ ٻاهر ويا، قبائلي علائقن مان 29,937 ماڻهو پرڏيهه هليا ويا، آزاد ڪشمير مان 29,591 مزدور بيرون ملڪ ويا، وفاقي دارالحڪومت اسلام آباد مان 8,621 ورڪرز بيرون ملڪ روانا ٿيا، اهي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته وڏي انگ ۾ پاڪستاني پرڏيهه ۾ روزگار جي تلاش ۾ نڪري رهيا آهن، بلوچستان مان پرڏيهه وڃڻ وارن ورڪرز جي تعداد 5,668 آهي، جڏهن ته اترئين علائقن مان وڃڻ وارن ماڻهن جي تعداد 1,692 آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.