اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پلاننگ ڪميشن آف پاڪستان جي اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين ڊاڪٽر نديم الحق حڪومت طرفان جاري ڪيل اقتصادي انگن اکرن تي سخت اعتراض ڪندي چيو آهي ته انهن انگن اکرن جي ساک تي وڏو سواليه نشان لڳي ويو آهي،بي بي سي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نديم چيو ته مالي سال جي پهرين ٽن ماهين ۾ واڌ جي شرح تمام گهٽ رهي، پر حڪومت پاران چيو ويو آهي ته آخري ٽه ماهي ۾ ملڪي اوسر جي شرح چار سيڪڙو کان وڌيڪ رهندي،جنهن جي ڪري پوري سال جي مجموعي ملڪي اوسر جي شرح 2.7 سيڪڙو رهندي، هن چيو ته ان عمل کي "جادو” ئي قرار ڏئي سگهجي ٿو ته هڪدم نمبرن کي ايترو وڌيڪ ڏيکاريو ويو آهي،اقتصادي ماهر ڊاڪٽر اڪرام الحق به ساڳيو اعتراض ڪندي چيو ته ٽن ٽه ماهين ۾ ملڪي گروٿ گهٽ رهي ۽ چوٿين ۾ ان کي وڌيڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اڃا هن مالي سال ۾ ڪجهه ڏينهن رهن ٿا ۽ اها اوسر جي شرح به 11 مهينن تي ٻڌل آهي، صدر سنڌ آبادگار بورڊ، محمود نواز شاهه، بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت هر سال لائيو اسٽاڪ کي ترقي ڏيکاري زرعي شعبي ۾ واڌ جو تاثر ڏئي ٿي، جڏهن ته هي هڪ غير رسمي شعبو آهي، جتي انگن اکرن جي تصديق مشڪل هوندي آهي،هن چيو ته زراعت جي شعبي ۾ هن وقت صورتحال اها آهي ته وڏن فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي آهي،زرعي جنسن جا اگهه به تمام گهٽ آهن،زرعي پيداوار جي انگن اکرن تي شڪ ڪيو پيو وڃي ڇو ته زميني حقيقتون ٻڌائن ٿيون ته هن وقت هاري جي حالت تمام خراب آهي، جڏهن ته وزيراعظم جي ڪوارڊينيٽر رانا احسان افضل ڳالهائيندي چيو ته بجيٽ کان اڳ اقتصادي سرويز ۾ ساليانو ڪاٿو پيش ڪرڻ رواجي عمل آهي، ۽ مالي سال جي پڄاڻي تي نظرثاني ڪئي ويندي آهي،هن تسليم ڪيو ته زرعي پيداوار گهٽ ٿي آهي، پر جي ڊي پي ۾ سروسز ۽ ٻين صنعتن جا انگ شامل هجڻ ڪري واڌ جو تاثر ڏنو ويو آهي،زرعي، صنعتي ۽ اقتصادي شعبي سان واسطو رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان ڏيکاريل ترقي حقيقت سان مطابقت نٿي رکي، ۽ اصل صورتحال ان جي ابتڙ آهي، جتي مهانگائي، بي روزگاري، زرعي بدحالي، ۽ صنعتن جي سستي رفتار عام ماڻهوءَ کي سخت متاثر ڪري رهي آهي۔