هندوتوا نظريي سان خطي کي خطرو آهي: آصف علي زرداري

اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارت ۾ اقليتن، خاص طور تي مسلمانن ۽ عيسائين سان تعصب ۽ ظلمن وارو سلوڪ ٿي رهيو آهي، جڏهن ته هندوتوا نظريي سان پورو خطو خطري ۾ اچي ويو آهي. ايوانِ صدر ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان عيد جي موقعي تي ڳالهائيندي صدر زرداري چيو ته ورڪر پارٽي جي طاقت آهن، جن هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو. هن زور ڀريو ته ملڪ ۽ ڌرتي سان وفاداري کي نڀائڻو آهي، معيشيت کي مضبوط بنيادن تي بيهارڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. زراعت کي ملڪ جي معيشيت جي بنياد قرار ڏيندي هن چيو ته زرعي شعبو ترقيءَ جي اهم ڪنجي آهي. صدر زرداري ڀارت ۾ وڌندڙ شدت پسندي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته مسلمان برصغير ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي حيثيت رکن ٿا، پر ڀارت ۾ انهن سان ناانصافيون ٿي رهيون آهن، جيڪي پوري خطي جي امن لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.