زراعت تي ڌيان نه ڏنو ويو ته فوڊ سڪيورٽي سميت وڏا معاشي بحران ٿيندا: اقتصادي ماهر

اسلام آباد (م ڊ) نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي معاشي ماهرن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن زرعي شعبي تي فوري ڌيان نه ڏنو ويو ته ملڪ کي فوڊ سڪيورٽي سميت وڏن معاشي خطرن کي منهن ڏيڻو پوندو. ماهر اشفاق تولا چيو ته پاڪستان جي زرعي پاليسين ۾ بنيادي خامي پيداوار جي طريقن ۽ پراسيسنگ جي ڪڌي نظام ۾ آهي، جنهن سبب ملڪ جي زرعي خودڪفالت به خطري ۾ آهي. هن ٻڌايو ته 2022ع جي ٻوڏن زرعي شعبي کي 40 ارب ڊالرن جو نقصان رسايو، ۽ ان کانپوءِ به لاڳيتو خرابين سبب پيداوار دٻاءَ ۾ آهي.  هنن چيو ته زراعت لاءِ 4.5 سيڪڙو ۽ صنعت لاءِ 4.3 سيڪڙو جو ترقياتي هدف رکيو ويو پر حقيقي مسئلن کي نظرانداز ڪري رڳو انگن اکرن تي ڌيان ڏنو ويو. اشفاق تولا زور ڏنو ته رڳو سپورٽ پرائس طئي ڪرڻ ڪافي نه، پر پاڻي جي کوٽ، زمين جي زرخيزِي، ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي کوٽ کي به حل ڪرڻو پوندو. هن ٻڌايو ته گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت 9.1 ملين هيڪٽر تي ڪم جو اعلان ٿيو هو، پر عملي اڳڀرائي نه ٿي سگهي. پاڻي جو بحران هاڻ قومي سلامتي جو مسئلو بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته ڀارت جي پاڻي روڪڻ واري حڪمت عملي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، ڀارت جنگ صورت ۾ پاڻي ڇڏيو يا پاڻي روڪيو، ٻئي صورتون اسان لاءِ تباهه ڪندڙ آهن. ٻئي پاسي ماهر علي خضر چيو ته زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي سان ٻهراڙي جي معيشتن ۾ رقم جي رواني بند ٿي وئي آهي، جيڪا سڄي معيشت کي متاثر ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جي فصل لاءِ سپورٽ پرائس نه هجڻ سبب مقامي آبادگار هاڻ فصل پوکڻ کان ڪيٻائين پيا. علي خضر واضح ڪيو ته حڪومت سڌارن جو اعلان ته ڪيو، پر عملي سطح تي ڪو به سپورٽ ميڪانيزم يا متبادل فصلن بابت رهنمائي نه ڏني وئي، جنهن سبب آبادگار ايندڙ فصل لاءِ تياري به نٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ رهي ته ملڪ کي عالمي مارڪيٽ مان مهانگي ڪڻڪ خريد ڪرڻي پوندي، جيڪا وڌيڪ مهانگائي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. انهن ٻنهي ماهرن زور ڏنو ته زرعي شعبو ملڪ جي معيشت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي آهي، ۽ جيڪڏهن حڪومت زرعي شعبن ۾ سيڙپڪاري، جديد فنڊنگ ۽ پاليسين کي سنجيدگي سان نه ورتو ته صورتحال سنگين ٿي سگهي ٿي. معاشي استحڪام لاءِ زرعي شعبي جي بحالي ناگزير آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.