سکر/ممبئي (رپورٽر/م ڊ) سکر مان مستقل طور تي ڀارت لڏي ويل جوڙي سنجي ڪمار ۽ زال سپنا جا سندن گهر مان لاش مليا. واقعي جي اطلاع تي مبينا طور قتل ٿيل سپنا جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي. سپنا جي وارثن چيو ته سنجي ڌيءَ کي قتل ڪري پاڻ آپگهات ڪيو. مبينا طور قتل ٿيل سپنا جي پيءُ مکي اشوڪ ڪمار موجب، سندن ڪنهن سان ڪا دشمني نه هئي، سنجي ڌيءَ سپنا سان هتي به وڙهندو رهندو هو. سپنا جي ڀاءُ اجي ڪمار چيو ته هنن ڀيڻيوي کي پيسا ڏئي ڀارت اماڻيو ۽ هن ڀيڻ کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو. سپنا جي ڀاءُ وجئي ڪمار الزام هنيو ته سنجي ڪمار ٻارن کي اسڪول موڪلي گهر آيو ۽ هن چاقن جا وار ڪري ڀيڻ سپنا کي قتل ڪيو ۽ بعد ۾ آپگهات ڪيائين. اسڪول ويل ٻار ڪبير ۽ هتيش گهر پهتا ته در نه کولڻ تي پاڙي وارن مداخلت ڪئي، هنن ڏٺو ته گهر ۾ سپنا ۽ سنجي قتل ٿيل آهن. مقتولا جي وارثن پاڪستاني سفارتخاني انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ سميت مقتولا جو مڙهه ۽ ٻارڙا اسان جي حوالي ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن. جوڙو 6 مهينا اڳ ڀارت لڏي ويو هو ۽ ممبئي ۾ رهندو هو. هندو پئنچائت جي سربراهه ايشور لال موجب، خدشو آهي ته ڀارتي حڪومت انصاف ڏيڻ ۾ دير ڪندي، لاش موڪليا وڃن جيئن آخري رسمون پاڪستان ۾ ادا ڪري سگهجن. ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 45 ورهين جي سپنا کي سندس مڙس سنجي گهريلو تڪرار تان چاقو جا وار ڪري قتل ڪيو، عورت جي ڳچي، پٺي ۽ ڪلهي تي ڪيترائي وار ڪيا ويا. واقعو ڊالفن پرائيڊ سوسائٽي سيڪٽر 34 ۾ پيش آيو. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.