سنڌ حڪومت وٽ نه ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه آهي نه ڏيکارڻ لاءِ:عظميٰ بخاري

لاهور(م ڊ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري، ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عيد جي ڏينهن به مرتضىٰ وهاب پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ بي بنياد تنقيد کان پاسو نه ڪيو.لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جو گرائونڊ تي وڃڻ ضروري ناهي، ڇو ته هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ ورڪر، انتظاميا ۽ وزير ميدان تي موجود آهن.عظميٰ بخاري جو چوڻ هو ته هن وقت اصل مقصد آلائشون هٽائڻ ۽ صوبي جي خوبصورتي برقرار رکڻ آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ صورتحال ابتري جو شڪار آهي.هن وڌيڪ تنقيد ڪندي چيو ته ٻن ڏينهن کان وڏي وزير سنڌ مراد علي شاهه ۽ سندس وزير منظرِ عام تان غائب آهن، ۽ اوهان وٽ ته رڳو ڪراچي کي صاف رکڻ جي به صلاحيت ناهي.عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته 16 سالن کان سنڌ حڪومت ۽ ان جا "ٻار جمورا” هڪ ئي ڳالهه روئيندا آيا آهن، مسئلو ميڊيا مينيجمينٽ جو ناهي، ميڊيا صرف اهو ڏيکاري رهي آهي، جيڪو اصل ۾ ميدان تي نظر اچي رهيو آهي.

  1. پنجاب ۾ بلدياتي نظام نه هئڻ عوام سان زيادتي آهي:ترجمان سنڌ حڪومت

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ بلدياتي نظام جو نه هجڻ عوام سان زيادتي جي برابر آهي.ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پنجاب جي وڏي وزير کي ڪڏهن گٽر کولرائڻ ته ڪڏهن صفائي ڪرائڻ لاءِ پاڻ کي ميدان ۾ لهڻو پوي ٿو، جيڪو سسٽم جي ناڪاميءَ جو ثبوت آهي.سعديه جاويد جو چوڻ هو ته جتي لوڪل گورنمينٽ مشينري ڪم نه ڪري، اتي وڏي وزير کي اشتهاري مهم هلائڻي پوندي آهي.سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي بعد چونڊيل نمائندن عوام لاءِ ڀرپور محنت ڪئي آهي، خاص طور تي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي بلدياتي نمائندن مثالي ڪم ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ صفائي جو ڪم بي مثال رهيو، سنڌ جا ميئر ۽ چيئرمين پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هن عيد جا اصل هيرو سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جا ورڪر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.