فلسطيني صدر محمود عباس حماس کان هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

يروشلم(ويب ڊيسڪ) فلسطيني صدر محمود عباس مزاحتمي تنظيم حماس کان هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪورن ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي لکيل خط ۾ صدر محمود عباس فلسطيني عوام جي حفاظت لاءِ عرب ۽ عالمي فوج جي مقرريءَ جو مطالب ڪيو.
رپورٽ موجب، محمود عباس پنهنجي خط ۾ چيو ته حماس غزا تي وڌيڪ حڪومت نه ڪندس، ان کي پنهنجن هٿيارن ۽ فوجي صلاحيتن کي فلسطيني سيڪيورٽي فورسز حوالي ڪرڻو پوندو.
پنهنجي ۾ خط ۾ سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مينڊيٽ سان استحڪام ۽ تحفظ مشن جي حصي طور عرب ۽ عالمي فوج کي فلسطيني ۾ مقرري لاءِ تيار آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.