ثنا يوسف، ھا بھ موت نھ بھ موت!

تحرير: محمد حنيف

اجھو گذريل هفتي ئي اسان  نور مقدم کي انصاف ڏياريو ھو چار سال اڳ اسلام آباد ۾ ڪئين ڪلاڪن تائين قيد ۽ تشدد کي سھڻ کان پوءِ، ان شاندار، محل جھڙي گهر مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش  ۾ ناڪامي کان پوءِ سندس سر قلم ڪرڻ جون خبرون  اسان تائين پهتيون، ته اسان جون دليون ڌڏي ويون ھيون.

توهان پنهنجي خاندان يا پنهنجي دوستن  مان ڪنھن بھ ٻارڙيءَ يا خاتون کان پڇي سگهو ٿا ته نور مقدم جي قتل جا تفصيل ٻڌڻ کان پوءِ انھن کي ننڊ آئي ھئي يا نھ  انهن کي دلين ۾ ڪھڙا ڪھڙا  خوفناڪ خيال آيا ھئا.

چئن سالن کان پوءِ، سندس قاتل جي موت جي سزا برقرار رکڻ کان پوءِ، اسان جي ڌڏندڙ دلين کي ڪجهه تسلي ملي ھئي تھ  عورتن تي ظلم تھ هر سماج ۾ ٿيندو آهي، پر اسان جو انصاف جو انتظام گهٽ ۾ گهٽ ايترو فعال تھ  آهي جو قاتل جي اثر جي باوجود، ان کي سزا ملي وئي ۽ هو پنهنجي انجام کي پهچندو.

انھيءَ اسلام آباد ۾، جڏهن ثنا يوسف کي سندس گهر ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، تڏهنھن جي عمر  17 سال هئي. هن پنهنجي قاتل کي دوستي جي ڪڏھن ھا نھ ڪئي.بلڪھ اسلام آباد پوليس سندس قتل جو سبب مسلسل انڪار ٻڌائي.

سوشل ميڊيا تي سندس وڊيوز ڏسي ڪري، اسان جون دليون هڪ ڀيرو ٻيهر ڌڏي ويون آهن.ھر ڪو نياڻي وارو ڏسي سگهي ٿو ته هوءَ بلڪل ٻارن واريون حرڪتون ڪري رهي آهي. هوءَ جانورن، پکين سان کيڏي رهي آهي، سندس زندگي ۾ گل ۽ ڦوڪڻاآهن، هوءَ ٻارن جي راندين جي مرڪز ۾ آئي اسڪيٽنگ جا منصوبا ٺاهي رهي آهي، برگر کائي رهي آهي.

سندس زندگي ان جي قاتل جي خواهشن، ان جي ڪاوڙ، سندس منصوبن، سندس پستول کان ڪوھين ڏور

 آهن، جتي هن کي وڏو ٿي ڊاڪٽر بڻجڻو آهي ۽ مزي مزي جون  معصوم وڊيوز ٺاهڻيون آهن. هن سوشل ميڊيا تي تاڪ ۾ ويٺل مرد ٻارن کي مسلسل انڪار  ڪندي،اڳتي وڌڻو آھي.

شايد انڪري جڏهن ثنا جي پڦي گھر ۾ گولين جو آواز ٻڌي ٿي، ته هوءَ سمجھي ٿي ته شايد ڪو  ڦوڪڻو ڦاٽو آهي. ثنا يوسف اڃان تازي ئي پنهنجي 17 هين سالگرهه ملهائي هئي. ٻارن جي سالگرهه تي ڦوڪڻا تھ ھوندا آهن.

اسان  ڏڪندڙ دلين سان وري  اسان گھرڻ  نڪتا آهيون ۽ اميد آهي ته ملي بھ ويندو. پر نور مقدم کي مرڻ کان پوءِ اخلاق جو درس ڏيندڙ وري ميدان ۾ موجود  آهن ۽ صرف اهي ئي نه آهن جيڪي هڪ معصوم نياڻيءَ جي قتل کي سماج ۾ صفائي مهم چئي  رهيا آهن،بلڪھ ٻيا بھ  ڪيترائي دردمند آهن،جيڪي  اسان کي ٻڌائي رهيا آهن ته پنھنجين نياڻين کي ٽڪ ٽاڪ کان پري رکو، جيڪڏهن اھي نظر اينديون تھ ڪنهن جي بري نظر بھ پئجي سگهي ٿي.

ڪو  اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته اسان جي نياڻين ۽ عورتن کي صرف هڪڙو خطرو آهي ۽ ان خطري جو نالوآھي مرد، ا هو 22 سالن جو بھ  ٿي سگهي ٿو، 72 سالن جو بھ.

ڪيترائي سال اڳ، گهريلو تشدد جي هڪ خوفناڪ وڊيو سامهون آئي هئي جنهن ۾ هڪ نوجوان هڪ ڇوڪريءَ تي تشدد ڪري رهيو آهي. جڏهن هو ٿڪجي پوندو آهي، هڪ بزرگ کيس پاڻي جي بوتل ڏيندو آهي. ظاهر آهي، تھ ڪمري ۾ ڪو ٻيو انسان بھ موجود  آهي جيڪو ان خوفناڪ منظر جي وڊيو ٺاهي رهيو آهي.

پاڪستان ۾ هر روز هڪ ڇوڪريءِ يا نياڻي قتل  ٿيندي، جڏهن اسان جون  دليون ڌڏنديون تھ  اسان انصاف گھرنداسين، پر گڏ گڏ اھو بحث بھ جاري رکنداسين ته آخر مرندڙ اھڙو ڪجهه تھ ڪيو هوندو. اسان پنهنجن مرد ٻارن ھٿان قتل ٿيندڙ نياڻين لاءِ انصاف تھ گھرون ٿا ، پر گڏوگڏ انهن جي موجوده ۽ مستقبل جي قاتلن کي  پاڻي بھ پياريندا رھون ٿا، ته اھي تشدد ڪري ٿڪجي تھ نھ پيا آھن ۽ ساڳئي وقت وڊيوز بھ ٺاهيندا رهون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.