ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس قوم سان خطاب ۾ ايندڙ سال ملڪ ۾ چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
قوم کي خطاب ڪندي محمد يونس چيو ته بنگلاديش ۾ چونڊون اپريل 2026 جي پهرين ٻن هفتن ۾ ڪنهن به ڏينهن ٿينديون.
هن چيو ته بنگلاديش جي اليڪشن ڪميشن ايندڙ ڏينهن ۾ چونڊن جو مڪمل شيڊيول جاري ڪندي.
سندس چوڻ هو ته عبوري حڪومت سڌارن، انصاف ۽ چونڊن جي مينڊيٽ تي ملڪ جو انتظام سنڀاليو هو ۽ ايندڙ عيدالفطر تائين ملڪ ۾ انصاف ۽ سڌارن جي حوالي سان قبولڻ جوڳي حد تائين ڪم مڪمل ٿي چڪو هوندو.
واضح رهي ته بنگلاديش ۾ گذريل سال آگسٽ ۾ پرتشدد عوامي انقلاب کانپوءِ وزيراعظم حسينا واجد ڀارت فرار ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ نوبيل انعام يافتا محمد يونس کي بنگلاديش جو عبوري سربراهه مقرر ڪيو ويو هو.
You might also like