روس ۽ يوڪرين جي ٽن سالن کان جاري جنگ ۾ ڪيترائي نوان موڙ آيا آھن،پر تازو يوڪرين پاران روس مٿان ڪيل ڊرون حملي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آھي.ڪجهه عرصي کان دنيا ۾ ڊرون ھڪ اھم ٽيڪنالوجي طور سامھون آئي آھي.جنگ ۾ ڊرون جو استعمال ڪري ڪروڙين ۽ اربين رپين جي جديد جھازن توڻي جنگ ٺڪاڻن کي ناس ڪرڻ ۾ ڊرون اھم ھٿيار سمجھيو پيووڃي
يوڪرين جي تازي حملي ۾ روس جي سوين جھازن ۽ ھوائي اڏن کي نشانو بڻايو ويو.جنھن جا تفصيل تھ اڃان اچي رھيا آھن. پر روس جي 40 جھازن سميت ٻيو بھ نقصان ٿيو آھي. نقصان جو ڪاٿو 2 ارب کان 7 ارب ڊلرز لڳايو ويو آھي.جنھن بعد روس بھ جنگي حڪمت عملي تبديل ڪري رھيو آھي. سمجيھو ٿو وڃي ان جي پس منظر ۾ يورپ جي ملڪن جو ھٿ آھي.جنھن ڪري اھا جنگ وڌڻ جو خطرو ٿي سگھي ٿو.ٻئي پاسي روس ۽ يوڪرين جي ممڪن جنگ بندي ۾ اڳڀرائي نھ ٿي سگھي آھي.جنھن کان پوءِ وائيٽ هائوس چيو آھي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ولاديمير پيوٽن ۽ وولاديمير زيلنسڪي سان ملاقات لاءِ ڪرائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي. ترڪ صدر پڻ ان حوالي سان هڪ تجويز پيش ڪئي آهي.روس ۽ يوڪرين ۾ سومر تي امڪاني جنگ بندي ۾ ڪا اڳڀرائي نھ ٿي سگھي آھي.بهرحال، ٻنهي ملڪن جا وفد استنبول ۾ پنهنجي ملاقات دوران قيدين جي هڪ ٻي ويڏ مٽا سٽا تي متفق ٿيا. ترڪي مئي کان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌي ڳالهين جي ميزباني ڪري رھيو آھي.ترڪ صدر رجب طيب اردگان تجويز ڏني ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن، يوڪريني صدر وولاديمير زيلنسڪي ۽ ٽرمپ هن مهيني جي آخر ۾ استنبول يا انقره ۾ ٽئين دور جي ڳالهين لاءِ گڏ ٿين.پر روس جي صدر پيوٽن اڃا تائين اهڙي ملاقات کان انڪار ڪيو آهي. جڏھن تھ يوڪرين جي صدر زيلنسڪي چيو آهي ته هو تيار آهي.
سومر تي استنبول ۾ ٻنھي ملڪن جي اجلاس ۾ يوڪرين چيو ته ماسڪو غير مشروط جنگ بندي جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ان جي بدران هن فرنٽ لائن جي ڪجهه علائقن ۾ ٻن کان ٽن ڏينهن جي جزوي جنگ بندي جي آڇ ڪئي آھي.ٻئي طرف ماسڪو چوي ٿو ته روس صرف مڪمل جنگ بندي تي راضي ٿيندو. جيڪڏهن يوڪريني فوجون چئن علائقن ڊونٽسڪ، لوهانسڪ، زپوريزيا ۽ خيرسن مان مڪمل طور تي پوئتي هٽي وڃن.
روس چيو ته هن جنگ ۾ محدود وقفو پيش ڪيو آهي.اسان ٻن کان ٽن ڏينهن لاءِ فرنٽ لائن جي ڪجهه علائقن ۾ هڪ مخصوص جنگ بندي جي تجويز پيش ڪئي آهي. روس جي چيف مذاڪرات ڪندڙ ولاديمير ميڊسنڪي وڌيڪ چيو ته جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويل سپاهين جا لاش گڏ ڪرڻ جي ضرورت آھي.زيلينسڪي ان جو مذاق اڏايو، سوشل ميڊيا تي لکيو تھ مون کي لڳي ٿو ته اھا ‘بيوقوفي’ آهي، ڇاڪاڻ ته جنگ بندي جو پهريون ۽ مکيه مقصد ماڻهن کي مرڻ کان بچائڻ آهي.
ڪيف چوي ٿو ته اهو هڪ دستاويز جو مطالعو ڪندو جيڪو روسي طرف پنهنجي مذاڪرات ڪندڙن کي ڏنو ويو هو، جنهن ۾ ٻنهي طرفن جي امن ۽ مڪمل جنگ بندي جي مطالبن کي بيان ڪيو ويو هو.استنبول ۾ ڳالهيون 2022 جي بهار کان پوءِ ٻنهي طرفن جي وچ ۾ پهريون سڌو رابطو هو. ڳالهيون يوڪرين پاران روسي هوائي اڏن تي حملي شروع ڪرڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ ٿيون. روس ۽ يوڪرين کان علاوه اجلاس ۾ ترڪي جي هڪ وفد پڻ شرڪت ڪئي، جيڪو ٽياڪڙي طور ڪم ڪري رهيو آهي.