گذريل مهيني سنڌي ٻولي جي اٿارٽي پاران پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيل ٻن ڏينهن جي سيمينار جي پهرين افتتاحي ويهڪ ۾اٿارٽي طرفان شايع ٿيل ڪتابن جي مهورت ۾ سنڌي ادب ، سنڌي نوجوانن کي ، ناياب سنڌي سائنسي ڪتاب ڏيندڙ غلام مرتضي ڌاريجو جي اٿارٽي طرفان شايع ٿيل سنڌي ميڊيڪل لغت جي مهورت ڪئي وئي، اڪثر ٻين ڪتابن جي مهورت ۾ انهن ڪتابن جي ليکڪن کي اسٽيج تي گهرايو ويو، پر ان هال ۾ پنهنجي ڪتاب جي مهورت جي موقعي تي سائين مرتضي ڌاريجو موجود نه هو ۽ ان جي غير موجودگي جو سبب هن جي بيماري هئڻ ٻڌايو ويو، ائين ٻين ڪتابن جي مهورت ۽ وزيرن اديبن جي تقريرن ۽ تاڙين ۾ مرتضي ڌاريجو جو ذڪر ختم ٿي ويو، پر منهنجي دل ۽ دماغ ۾ هل خلش رهجي وئي. مان کي خبر هئي ته مرتضي ڌاريجو جي طبعيت ڪجهه سالن کان ٺيڪ نه آهي، پنهنجي دوست ۽ ڌاريجو صاحب جي ڄامشورو جي گهر واري پاڙيسري ناصر پنهور کان هميشه طبعيت ۽ ٻيو حال احوال پڇندو رهندو آهيان، خود سائين سان به هڪ ٻه دفعو حال احوال ٿيو آهي،سوچيندو هوس ته جلد پاڻ وڃي ڌاريجو صاحب سان روبرو ملاقات ڪري گهڻي ڪچهري ڪري اچجي، پر منهنجي بيماري ۽ ڪجهه دوستن جي سهڪار سان ته ڪڏهن اڪيلي سر ان بيماري ۽ معاشي ابتر صورتحال ڪري ڪراچي کان ڄامشورو جو سفر ڄڻ ته صدين کان پورو نه ڪري سگهيوآهيان.
مرتضي ڌاريجو جو هڪڙو ڪتاب ” مائڪروب اسان جا دشمن ۽ دوست “ ڪيترن ئي دوستن کي پڙهائي چڪو آهيان. هن جا اٽڪل 20 کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ سندس مشهور ڪتابن ۾ ڇاتين جي سائنسي ڄاڻ، اسٽيفن هاڪنگ جو ڪتاب ” ڪائنات جو مڪمل نظريو “ شامل آهي. ان کان سواءِ تپندڙ ڌرتي ۽ مٽجندڙ مندون، ڪينسري بيماريون،جت ويڄ نه طبيب، ، جنس جي سائنسي ڄاڻ ، سوويئنر فرسٽ ايڊ، سنڌ هڪ نظرڪتاب ۽ 30 تحقيقي مضمون لکيا آهن. سنڌ جي پراڻي ٽهي ۾ سائنس سان دلچسپي پيدا ڪرڻ ۾ سنڌ يونيورسٽي طرفان ماهور ” سائنس “ رسالو ڪڍڻ واري سندس تاريخي ڪارڪردگي شامل رهي آهي. هي ٽه ماهي رسالي ” ماحول “ جو به ايڊيٽر رهي چڪو آهي. ڌاريجو صاحب پنهنجي اباڻي شهر لاڙڪاڻو ۾ سائنسي پبليڪيشن جو به بنياد رکيو ۽ ان جي تحت سائنس جا ورڪشاپ منعقد ڪيا. هڪ سائنسي تنظيم به هئي. فوجي آمر جنرل ضياءَ جي دور ۾ شايد اهو رسالو به بند ٿيو ۽ ڄامشوري ريلوي اسٽيشن جي ڀر ۾ سرڪاري قبضا مافيا سائنس جي عمارت تي قبضو ڪري ڇڏيو، کولي جنهن جي سنڌ يونيورسٽي جي هڪ به شاگرد تنظيم، پروفيسرن جي تنظيم يا ڪنهن يونورسٽي جي ڪنهن هڪ به پڙهيل لکيل اديب، دانشور استاد مذمت ۽ مزاحمت نه ڪئي. خبر نه آهي ته رينجرز سائنس جي عمارت مان پنهنجو هيڊ ڪوارٽر ختم ڪيو، پر هن وقت ان عمارت جو يونيورسٽي ۾ سائنس جي پي ايڇ ڊي پروفيسرن پيدا ڪرڻ ۾ گهربل ڪوبه ڪردار نه آهي. مرتضي ڌاريجو پنهنجي ڪارڪردگي جي قابليت تي ڪجهه مڃتا ايوارڊ به حاصل ڪيا آهن، جنهن ۾ نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد، رائٽرس گلڊ، سنڌ گريجويٽس ايسوسيشن ، سنڌ الاجي، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي قمبر ۽ ٻين ادارن طرفان مڃتا ايوارڊ حاصل ڪيا آهن.
هن وقت به هن پنهنجي بڪين جي عارضي سبب هڪ هنڌ رهندي به پنهنجي لکڻ پڙهڻ ۾ مصروف آهي سنڌي ٻولي کي طب جي سنڌي لغت تيار ڪري ڏني آهي ،جيڪو انتهائي اهم ۽ ضروري هجڻ سان گڏ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڊاڪٽرن ۽ طب جي شعبي سان لاڳاپيل ٻي عملي ۽ ميڊيڪل شاگردن لاءِ لازمي آهي. هن وقت هڪ ڳالهه جو به افسوس آهي ته جن پنهنجي شاگرديءَ جي زماني وارن ڏينهن ۾ سائنس رسالو ۽ هن جا ٻيا ڪتاب پڙهيا آهن، اهي هاڻي وساري ويٺا آهن ته طب جي سنڌي لغت ڏيندڙ ڪٿي گم ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي، سنڌ جو ثقافت کاتو ادبي، ثقافتي علم ۽ ادب، ۽ سائنسي ادبي سرگرمين ۽ قديم ماڳن کان بي خبرن جي حوالي آهي، انهن وٽ ته يقينن سنڌ جي اهم ۽ سائنسي ادب جي وڏي شخصيت جو قدر ۽ قيمت ته نه هوندي، پر جن کي ٿوري به اها ڄاڻ آهي ته لاڙڪاڻي شهر جي قديم محلي ڪرمان باغ جي ڌاريجو گهٽي مان نڪري ديني مدرسي اسڪول، قديم تاريخي اسڪول پائلٽ هاءِ اسڪول ۽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو کان زولاجي شعبي سنڌ يونيورسٽي ۽ سائنسي ادب جي دنيا ۾ پنهنجو سفر ڪيئن جاري رکيو، سندس اهو داستان ڪنهن ٽي وي چينل ِ اخبار ۾ ان ڪري اچي نه سگهيو آهيان جو هاڻي اتي اڻ پڙهيل، پنهنجي وطن، علم ادب کان ڪوهين دور رهندڙن جو راڄ آهي، اهوئي حال سنڌ يونورسٽي جو آهي، سرڪاري پئسي تي ٻين ملڪن مان پي ايڇ ڊي جون سندون وٺندڙن ۾ ڪو مرتضي ڌاريجو يا وڏل شاهه پيدا نه ٿي سگهيو آهي ،ڪيميسٽري، فزڪس، زولاجي، باٽني. فلسفي ۽ ٻين شعبن جا نامور سڏجندڙ پروفيسر ۽ پروفيسرياڻيون پروفيسرن جي ٽڪي جي استادن جي سياست، ايجنسين جي ايجنڊائن تحت سرگرميون ڪندڙن جو شاگردن، شاگردياڻين ۽ سموري سنڌ جي نوجوانن، علم ادب تي ڪو متاثر ڪندڙ نئين سنڌ اڏجندڙ واري اثر جو پاڇو پئجي نه سگهيو آهي. نه ئي سنڌ اندر ادبي ثقافتي ميلا لڳائيندڙن ۾ ڪو نرالو منتظمين نه ٿو اچي جيڪو مرتضي ڌاريجو جهڙي ماڻهو جي قدر قيمت کان واقف هجي. سنڌ الاجي، سنڌيونيورسٽي کان وٺي سنڌ ثقافت کاتي، سنڌي ادبي سنگت، پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي تائين ڪنهن به هڪ ڪنڊ ۾ جيڪڏهن سنڌي سائنسي ادب کان واقفيت موجود آهي ته هو فوري طور نه فقط مرتضي ڌاريجو سان ان جي اعزاز ۾ شامن ملهائڻ سان گڏ هن رٽائرڊ پروفيسر جي ٽن چئن سالن کان مسلسل بيماري ۾ هن جي معاشي ۽ ٻين مسئلن مسئلن جي ڄاڻ حاصل ڪري ان سان پنهنجي زنده شخصيت سان زنده نموني ساٿ ڏيڻ گهرجي.