ڀارت سان ڪشمير، پاڻي، واپار ۽ دهشت گردي تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هاڪاري معاشي انگ اکر حڪومتي پاليسين جي صحيح رخ جو ثبوت آهن. ايف بي آر معاملن بابت جائزي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته حڪومت پاڪستان کي هڪ مستحڪم عالمي معيشت بڻائڻ جي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته سڀني شعبن ۾ ادارتي سڌارا تيزي سان جاري آهن، ۽ ملڪ جي ادارن ۾ بدعنواني ۽ ٻين خامين جهڙوڪ شفافيت جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم فيس ليس ڪسٽمز اسيسمينٽ سسٽم جي تازي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته فيس ليس اسيسمينٽ سسٽم جهڙا سڌارا حوصلا افزا نتيجا ڏئي رهيا آهن. وزيراعظم ايف بي آر سڌارن جي ٿرڊ پارٽي جي تصديق لاءِ دنيا جي مشهور ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هوڏانهن سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ڀات جا 4 رافيل سميت 6 جهاز ڪيرايا، ڀارت کي فتح ميزائل سان ڀرپور جواب ڏنو ويو. پاڪستان ڀارت سان 4 نقطن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي، ڀارت سان ڪشمير، پاڻي، واپار ۽ دهشتگردي جي معاملن تي ڳالهيون ڪنداسين. هن چيو ته ڀارت دنيا ۾ جتي به وڻي پاڪستان سان ڳالهائي سگهي ٿو، مودي پنهنجي مقامي پريشاني جي ڪري بيان ڏئي رهيو آهي، ڀارت کان اسان 1971 جو پلاند ورتو آهي. هن چيو ته ن ليگ جي هاڻوڪي دور ۾ ڪرپشن جو ڪو ڪيس سامهون ناهي آيو، حڪومت معاشي استحڪام جو سفر طئي ڪري ورتو، هاڻي معاشي ترقي جو سفر طئي ڪرڻو آهي، بجيٽ لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.