نيويارڪ(م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستاني سفارتي وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت دهشتگردي کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. پاڪستان پنهنجن پاڙيسري ملڪن سان امن چاهي ٿو، پر خطي ۾ امن مسئلو ڪشمير جي حل کانسواءِ ممڪن نه آهي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي مختلف ملڪن جي مستقل نمائندن سان ملاقات کاناڳ پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان برابري جي بنياد تي امن چاهي ٿو. ڀارت، پاڪستان تي ثبوت کانسواءِ الزام لڳائي جنگ مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، خاص طور پهلگام واري واقعي کانپوءِ هو اڳرائي ڪري رهيو آهي. ڀارت عالمي سرحد جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ طاس ٺاهه جي معطلي عالمي معاهدن بابت ذميواري جي ڀڃڪڙي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته عالمي اڳواڻن کي آگاهه ڪيو ويندو ته ڀارت سنڌو درياءَ تي حملو ڪري پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري پاڪستان خلاف نئون محاذ کوليو آهي. ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفو ۽ غيرقانوني طريقي سان معطل ڪرڻ تي بلاول چيو ته پاڪستان هر صورت ۾ سنڌو درياءَ کي ڀارتي قبضي مان بچائيندو. هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي ٻڌايو ويندو ته پاڪستاني عوام دهشتگردي جي خلاف آهي، ڇاڪاڻ تہ پاڪستان ئي ان مان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. پهلگام جي حوالي سان بلاول چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ چاهي ٿو، پر جيڪڏهن ڀارت دهشتگردي کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪري ۽ پنهنجن شهرين تي ظلم ڪري ته اهو به قابل قبول نه آهي.پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته مودي سرڪار ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلم ڪري رهي آهي، جڏهنتہ ڪشميرين کان سندن حق خود اراديت کسيو ويو آهي. ساڳئي وقت ڀارت پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي مسلمانن کي به دهشتگردي جي سياسي هٿيار سان نشانو بڻائي رهيو آهي. بلاول ڀٽو عالمي برادري کي خبردار ڪيو ته ڀارت جي اهڙين حرڪتن سان پاڪستان لاءِ دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ هڪ چئلينج بڻجي ويندو ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو. هن چيو ته پاڪستان امن جو پيغام کڻي گڏيل قومن ۾ آيو آهي، پاڪستاني قوم امن چاهي ٿي، پر اها امن عزت ۽ برابري جي بنياد تي هجڻ گهرجي. بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ نو رڪني اهم سياسي ۽ سفارتي وفد نيويارڪ ۾ موجود آهي، جتي هو گڏيل قومن ۾ چين ۽ روس جي مستقل نمائندن سان گڏ او آءِ سي گروپ جي سفيرن سان اڄ ملاقاتون ڪري رهيو آهي. پاڪستاني وفد ۾ بلاول ڀٽو سان گڏ وفاقي وزير ماحولياتي تبديلي ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ماحولياتي تبديلي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ۽ اڳوڻي اطلاعات واري وزير شيري رحمان، قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي معاملن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني ڪهر، اڳوڻو وفاقي وزير خرم دستگير خان، سينيٽر سيد فيصل علي سبزواري ۽ سينيٽر انجم بٽ شامل آهن۔ملاقات کان اڳ پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان برابري جي بنياد تي امن چاهي ٿو. ڀارت، پاڪستان تي ثبوت کانسواءِ الزام لڳائي جنگ مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عالمي اڳواڻن کي آگاهه ڪيو ويندو ته ڀارت درياءَ سنڌ تي حملو ڪري پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري پاڪستان خلاف نئون محاذ کوليو آهي. ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفو ۽ غيرقانوني طريقي سان معطل ڪرڻ تي بلاول چيو ته پاڪستان هر صورت ۾ سنڌو درياءَ کي ڀارتي قبضي مان بچائيندو. بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ نو رڪني اهم سياسي ۽ سفارتي وفد نيويارڪ ۾ موجود آهي، جتي هو گڏيل قومن ۾ چين ۽ روس جي مستقل نمائندن سان گڏ او آءِ سي گروپ جي سفيرن سان اڄ ملاقاتون ڪري رهيو آهي. پاڪستاني وفد ۾ بلاول ڀٽو سان گڏ وفاقي وزير ماحولياتي تبديلي ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ماحولياتي تبديلي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ۽ اڳوڻي اطلاعات واري وزير شيري رحمان، قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي معاملن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني ڪهر، اڳوڻو وفاقي وزير خرم دستگير خان، سينيٽر سيد فيصل علي سبزواري ۽ سينيٽر انجم بٽ شامل آهن۔هوڏانهن پاڪستاني وفد جي چيني نمائندن سان ملاقات ڪئي. جنهن م پهلگام واقعي بعد ٿيل ڇڪتاڻ ۽ ڀارت پاران پاڻي کي هٿيار بڻائڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. پاڪستاني وفد سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن سان به ملاقات ڪئي. وفد جاپان، گيانا، سراليون، الجزائر، ڊينمارڪ، صوماليا ۽ ٻين ملڪن جي نمائندن کي پاڪستان جو ڪيس پيش ڪيو.