راڻيپور(رپورٽ: فياض حسين راڄپر) سچل جي نگري درازا شريف ۾ ٻيھر رت جي راند شروع ٿي وئي، ڳوٺ سردھ جتوئيءَ ۾ جتوئي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، جڏھن ته هڪ عورت سميت 3 ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا، اھڙي واقعي جو اطلاع ملڻ تي راڻيپور پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي گمبٽ گمس اسپتال منتقل ڪيو، جڏھن ته جهيڙي سبب فائرنگ ۾ مارجي ويل جي سڃاڻپ مينهل خان جتوئي طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ وزير جتوئي، مولائي جتوئي ۽ مسمات فطران جتوئي شامل آهن، زخمي زير علاج آھن، ٻئي پاسي ڊي ايس پي گمبٽ ملھير خان پاتو جو چوڻ آهي ته جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي جي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اسان پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ مقرر ڪري ڇڏي آھي،آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو آھي.