جتي سياسي احتجاج ٿئي اتي 144 جو قلم لاڳو ڪري ڇڏڻ مارشل لا ناهي ته ڇا آهي!

ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو حڪومتون به پنهنجي حڪومتي تجربن مان جيڪر سکن ۽ ان تجربي جي روشني ۾ بهتر کان بهتر حڪومت ڪن پر هتي ان معاملي ۾ به ابتو چڪر آهي. پ پ هجي يا مسلم ليگ (ن) جي جماعت کين ملڪ اندر حڪومتون ڪرڻ جو ٻين ملڪي جماعتن کان گهڻو تجربو آهي ۽ ان تجربي کي ڏسندي اصولي طور تي کين تجربيڪار حڪومتن جو ڏيک ڏيڻ گهرجي پر ڏسڻ ۾ ايئن ٿو نظر اچي ته سندن حڪومتي ڪارڪردگي بهتر کان بهتر ٿيڻ بدران بد کان بدتر ئي ٿيندي ٿي وڃي ۽ بدکان  بدتر غير جمهوري روايتون قائم ڪري رهيون آهن جڏهن ته ٻئي حڪمران جماعتون عوامي ۽ جمهوري جماعتن ۽ حڪومتن هئڻ جون دعوائون ڪنديون آهن. هن وقت به ٻئي جماعتون حڪومت ۾ آهن. وفاقي حڪومت جيتوڻيڪ مسلم ليگ (ن)  جي آهي پر ان کي پ پ جي به وڏي حمايت آهي ايستائين جو پ پ حڪومت پنهنجي حمايت جيڪڏهن واپس وٺي ته اها حڪومت هڪدم ختم ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته 2024ع جي چونڊن ۾ ڪابه جماعت اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ نه هئي.

 بهرحال پنهنجو موضوع اهو آهي ته هن وقت اهڙين ٻن جماعتن جي حڪومت آهي جن کي ٽي چار ڀيرا حڪومت ڪرڻ جو تجربو آهي پر سندن حڪومتي ڪارڪردگي ۽ ورتاءُ ۾ اها تجربيڪاري پسڻ ۾ نه ٿي اچي. انهن جماعتن کي تاريخ تمام گهڻو موقعو ڏنو آهي ته اهي ثابت ڪري ڏيکارين ته جمهوري حڪومتون هر لحاظ کان آمريتي حڪومتن کان بهتر هونديون آهن خاص ڪري عوام ۾ اهڙو تاثر پيدا ڪرڻ ۾ ٻئي حڪمران جماعتون مڪمل طور تي ناڪام رهيون آهن. سندن حڪومتي طريقو به ڏسجي ته آمريتي ۽ مارشل لائي حڪومتن کان گهڻو مختلف ناهي، ٿورو مختلف ضرور هوندو پر زمين ۽ آسمان جي فرق جهڙو ته بلڪل به ناهي جنهن جو مثال هي آهي ته ٻنهي جماعتن پنهنجي حڪومتي دور ۾ مخالف جماعتن ۽ اڳواڻن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون، ڪيس ٺاهيا، گرفتاريون ڪيون ۽ سندس احتجاجن ۽ ريلين تي تشدد ڪيو، ڳوڙها گيس  اڇلائي، لٺ بازي ڪئي، جيڪو عمل ڪنهن  ريت به مخالف سياسي جماعتن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڏانهن هاڻي به اهو ئي آهي.

موجوده مسلم ليگ (ن)  ۽ پ پ حڪومت جيڪا نيئن غير جمهوري ۽ مذمت جوڳي روايت وجهي رهي آهي سا اها آهي ته هاڻي جڏهن اها مخالف جماعتن خلاف انتقامي ڪارروائي ڪرڻ چاهي ته اها سندن ڪنهن به احتجاج ۽ ريلي واري هنڌ 144 جو قلم لاڳو ڪري سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪا مخالف جماعت پوءِ به احتجاج يا ريلي ڪڍندي ته ان خلاف قلم 144 جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪري سندس خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري گرفتار ڪري سگهجي ٿو. اهو رويو ڪنهن ريت به جمهوري ناهي ته نارمل حالتن ۾ سياسي سرگرمين، احتجاجن ۽ ريلين کي بنا ڪنهن وڏي سبب جي روڪڻ لاءِ 144 جو قلم لاڳو ڪري ڇڏجي ۽ پوءِ جيڪڏهن سياسي جماعتون ان روڪٿام کي قبول نه ڪن ته مٿن 144 جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪري، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کين گرفتار ڪيو وڃي.

 وفاقي حڪومت جيڪا مسلم ليگ (ن) جي آهي تنهن پي ٽي آءِ جي اسلام آباد جي ريڊزون ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ 144 قلم لاڳو ڪرڻ جي اها روايت وڌي ۽ هاڻي سنڌ صوبي اندر به پ پ  جي حڪومت اهو ئي ڪم رهي آهي. هڪڙيون مذهبي ۽ سياسي جماعتون آهن جن کي ڪراچي جي شاهراهه فيصل جهڙي مصروف ترين ۽ هر وقت جام رهندڙ شاهراهه تي ريليون ڪڍڻ جي اجازت هوندي آهي پر جيڪڏهن ڪا قوم پرست جماعت سياسي ريلي ڪڍندي ته 144 جو قلم لاڳو ٿي ويندو ۽ پوءِ به جيڪڏهن قوم پرست جماعتون احتجاج کي پنهنجو جمهوري حق سمجهندي احتجاج جاري رکنديون ته ان عمل کي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڪري، سندن خلاف  مقدما داخل ڪري سندن گرفتاريون عمل ۾ آنديون وينديون. ٻيو نه ته ڪنهن اڻ وڻندڙ نعري کي بنياد بڻائي وٺنديون. ڀلا جيڪڏهن نعرن تي ئي اچجي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪومتن کي صرف اڻ وڻندڙ نعرا ئي ڇو ٻڌڻ ۾ ايندا آهن اتي ٻيا به ته نعرا لڳندا آهن نه. جيڪڏهن ڪنهن به حڪومت کي جيڪڏهن نعرن جو نوٽيس ئي وٺڻو آهي ته سڀني نعرن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ٻڌائڻ گهرجي ته ڦلاڻي جلسي يا ريليءَ  ۾ هي هي نعرا لڳا هيا جن مان هنن کي منظور ڪيو ويو آهي ۽ هنن کي نامنظور ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. پر هتي هڪ طرفي ڪارروائي ٿيندي آهي نعرا صرف اهي ٻڌا ويندا آهن ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي آهي جيڪي سندن خلاف هجن.

جيستائين احتجاجن ۽ ريلين تي پابندين جو تعلق آهي ته اهوعمل غير جمهوري آمريتي حڪومتن ۽ مارشل لائن ۾ ٿيندو آهي جڏهن ملڪ اندر ايمرجنسي لاڳو هوندي آهي. نارمل ماحول ۽ جمهوري حڪومت ۾ جلسن، جلوسن ۽ ريلين وارن علائقن ۾ 144 جو قلم لاڳو ناهي ٿيندو پر هتي صرف ۽ صرف انتقامي  ڪاررواين سبب ايئن ڪيو ويندو آهي. اهو ڀلا ڪيئن ممڪن آهي ته ڪا حڪومت عوام دشمن ۽ غير جمهوري ڪم ڪري ته  عوام يا سياسي جماعتون دانهن به نه ڪن، احتجاج به نه ڪن ۽ آخر ڇو نه ڪن. مثال طور حڪومت کي ڪيئن ٻڌايو وڃي ته سنڌ جو عوام ۽ سنڌ جون سياسي جماعتون پنجاب ۾سنڌو درياهه تي نون اڏجندڙ ڪينالن جي خلاف آهي ۽ ايئن ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڪمپنين کي ليز ڪيل زمينن جي خلاف آهن. جمهوري حڪومت کي ته شڪر گذار رهڻ گهرجي ته ملڪ جون سياسي جماعتون ۽ عوام انهن سان مخاطب آهي ۽ انهن آڏو پنهنجا  مطالبا رکي ٿو جن کي حل ڪرڻ ڪنهن به حڪومت جو فرض هوندو آهي. اهو فرض نڀائڻ بدران الٽو احتجاج ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. ڪئنالن مخالف تحريڪ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٿيندڙ  احتجاجن ۽ ريلين خلاف به ايئن ئي ٿي رهيو آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.