اسٽيبلشمينٽ جي ھاڻوڪي حمايت جلد ختم به ٿي سگھي ٿي

تحرير: عارفھ نور

ننڍي کنڊ  جي فضا عام طور تي گدلاڻ سان  ڀريل هوندي آهي، اڄ فتح جي خوشبوءِ سان وڻندڙ  آهي. پاڪستان کي يقين آهي ته ڇڪتاڻ جو نتيجو سندس حق ۾ آيو آهي، جڏهن ته سرحد پار پڻ فتح جو جشن ملهايو پيو وڃي.ٽي وي چينلن تيگوڙ گھمسان سان سوڀ جي دعويٰ ڪرڻ، مبارڪون ڏيڻ ۽ مخالف نقطه نظر کي نظرانداز ڪرڻ ڏکيو ڪم تھ ناهي.هندستان ۾ ماڻهو جنهن طريقي سان جشن ملهائي رهيا آهن، ان سان پاڪستانين کي اهو احساس ٿيو آهي ته جيتوڻيڪ تڪرار ختم ٿي چڪو آهي، پر جنگ يقيني طور تي ختم نه ٿي آهي. ڪجهه ماڻهو جيڪي حڪومت جو حصو آهن، اهي به متفق آهن ته هندستان طرفان ڪنھن ٻئي حملي جو امڪان تمام گهڻو آهي.

بهرحال، اهو واضح نھ آهي ته  اھو حملو ڪڏهن ٿيندو. تازي تڪرار ۾ جيڪي جيڪي خاميون نظر آيون،انھن  کي دور ڪرڻ لاءِ جديد هارڊويئر خريد ڪيو پيو وڃي. دفاعي بجيٽ ۾ واڌ بابت پڙاڏو پڻ ان جو هڪ مثال آهي. پاڪستان وقت ضايع نٿو ڪرڻ چاهي.جڏهن ته، اهڙا اشارا پڻ ملي رھيا آهن ته فتح مان حاصل ٿيندڙ طاقت جو فخر  ملڪ جي اندروني معاملن ۾ پڻ ڏيکاريو ويندو. حاڪمن جي ڪجهه تازين بيانن ۾بھ  اهو پيغام ڏنو ويو هو، جڏهن ته انھن ماڻھن جي موقف ۾ بھ  ساڳيا اشارا مليا آهن جيڪي ڪنهن عهدي تي فائز نه آهن پر اھي بھ انڪري لاڳاپيل آهن ڇاڪاڻ ته اهي ‘طاقتور’ فردن  جي ٻولي ڳالهائيندا آهن.

مثال طور، هڪ تازي پريس ڪانفرنس ۾، ماهه رنگ بلوچ بابت هڪ سوال تي، ڊي جي آءِ ايس پي آر جي جواب ماڻهن کان ڇرڪ ڀرائي ڇڏيو.ان ۾ ڪي ٻھ رايا نھ آھن تھ خضدار ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي بس تي حملي ۽ جعفر ايڪسپريس سانحي کان پوءِ، بلوچستان ۾ويڙھاڪن ۽ مخالف آوازن خلاف عام بيانيئي ۾ سختي آئي آهي. پر صوبي ۾ صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ صرف طاقت جو استعمال عقلمندي ناهي. جڏهن ته صوبائي حڪومت ۽ پاڪستان فوج جي ترجمان جي بيانن مان اھو ئي ظاهر ٿئي ٿو  تھ رياست جو رويو جارحاڻو آهي.

پر رياست جو هي جارحاڻو رويو شايد صرف بلوچستان جي ماڻهن جي لاءِ نه آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) بھ نشاني تي آھي. ٽي وي تي اهڙا افواهه به ھلي رھيا آهن ته 9 مئي جي ڪيسن ۾ نامزد پي ٽي آءِ، جي ايم پي ايز کي نااهل قرار ڏنو ويندو ۽ انهن جون سيٽون ڪنهن ٻئي کي ڏنيون وينديون. هڪ ٻئي سرڪاري عهديدار "لبرلز” تي تنقيد ڪئي، يعني ظاهري طور تي اهي سڀئي ماڻھون جيڪي بلوچستان ۾ دهشتگردي جي "حمايت” ڪن ٿا.

جيتوڻيڪ اهي تبصرا اهڙن پليٽ فارمن تي ڪيا ويا جن کي هميشه سنجيدگي سان نه ورتو ويندو آهي،پر اهي تبصرا ان خيال جي حمايت ڪن ٿا ته هندستان سان تازو تڪرار فوج ۽ طاقتور ادارن کي ملڪ اندر وڌيڪ ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي. ۽ ان اضافي طاقت سان، کين اھو گمان ٿي سگھي ٿو تھ  ملڪ ۾ پراڻن، حل نه ٿيل مسئلن کي حل ڪرڻ جو ھي ئي درست  وقت آهي.سڀ کان پهرين، تھ انھن کي حل ڪرڻ ايترو آسان نه آهي. انهن مسئلن لاءِ طاقت ۽ سخت حل جي ضرورت  ھوندي آھي، ته ماضي ۾ اختيار ڪيل حڪمت عملي جا نتيجا سامھون اچن ٿا.، پر ان سان تھ صرف معاملا وڌيڪ پيچيده  ٿي ويا.

بلوچستان ۾ گذريل ڏھاڪن ۾ اسان  اھو ئي ڏٺو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ ٻين معاملن ۾ بھ گذريل ڪجهه سالن ۾ اسان ان حڪمت عملي کي ناڪام ٿيندي ڏٺو آهي. اهي مسئلا اڃا تائين  انڪري حل نه ٿيا آهن ڇاڪاڻ ته انھن جو ڪو آسان حل ناهي جڏھن تھ رياستي جبر يا تشدد سان ڪا خاص مدد نھ ملي آهي.ٻيو، اسان کي پڇڻ گهرجي تھ ٻيھر وجودي زخمن کي کرچڻ ۽ ان جو رت وھائڻ جو ڇا ھي مناسب وقت آھي ؟ جيڪڏهن حڪومت کي هندستان کان هڪ ٻئي حملي جو خطرو محسوس ٿي رهيو آهي ته پوءِ اندروني هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته اندروني معاملن تي وسيلن ۽ توانائي خرچ ڪرڻ بدران، ڌيان ٻاهرين خطري تي هجڻ گهرجي.

بهرحال، اهو صرف وسيلن جو مسئلو ناهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ  اھو سمجھي ٿي تھ تازي تڪرار کان پوءِ کيس عوامي حمايت حاصل ٿي چڪي آهي، ته ان کي اهو به سمجهڻ گھرجي تھ وڌيڪ گرفتاريون، ڇاپا، يا تشدد ٿيو ته اها حمايت جلدي ختم ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ماڻهن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، ته کٽڻ جي اهميت ختم ٿي ويندي.  وزيرستان ۾ ٿيندڙ تازي واقعي کان پوءِ  اسان اهو ٿيندي ڏٺو.

جيڪڏهن ماڻهن خلاف طاقت جو استعمال ڪيو ويندو  آھي ته ان تي ڳالهه بھ ڪئي ويندي، جنهن سان ٻاهرين عنصرن، جن ۾ دشمن به شامل آهن، اهو سمجهندا ته ملڪ جي دفاع ۾ ڪمزوريون آهن.اهو ياد رکڻ پڻ ضروري آهي ته جيڪڏهن توهان ڪنھن خبر کي ميڊيا ۾ نشر يا شايع ٿيڻ نٿا ڏيو  ته ان جو بلڪل اھو  مطلب اهو ناهي ته اها خبر عوام تائين نه پهچندي.

ھڪ طرف جڏھن  اسان خوش آهيون ته تازي پاڪ ھند تڪرار کان پوءِ پاڪستان کي دنيا ۾ وڌيڪ عزت ملي آهي،ساڳئي وقت اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته جيڪڏهن شهرين يا صوبن خلاف ڪريڪ ڊائون جون خبرون لڳاتار اينديون رهيون ته عسڪري  ڪاميابين جون ڪهاڻيون غير اهم ٿي وينديون. جيتوڻيڪ دنيا کي هاڻي جمهوريت يا انساني حقن ۾ڪا  دلچسپي نھ آھي، پر ان ھوندي بھ  اسان کي اهو تصور پيش نھ ڪرڻ  گهرجي ته پاڪستان هڪ غير فعال رياست آهي جيڪا پنھنجو انتظام پاڻ نٿو سنڀالي سگھي. هي ڪم اڃا مڪمل نه ٿيو آهي.

چوٿين ڳالهه ھي ذڪر جوڳي آھي ته هندستان سان ننڍا ۽ شديد  ٽڪراءَ  ‘نوان معمول’ بڻجي ويندا، پر ان جو بار ھندستان جي مقابلي ۾ پاڪستان کي وڌيڪ  برداشت ڪرڻو پوندو. اھا ڳالهه هندستان کان ڪو راز ناهي. جيڪڏهن پاڪستان کي ايندڙ سالن ۾ هندستان جي خلاف تياري ڪرڻي آهي ته ان لاءِ عسڪري نه پر اقتصادي طور تي پاڻ کي مضبوط ڪرڻو پوندو. جنگيون  تمام مهانگو ڪاروبار آهن.

جيئن ته گذريل 7 کان 8 سالن ثابت ڪيو آهي، حڪومت ۽ بين الاقوامي مالي ادارن جي دعوائن جي باوجود، سياسي ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام  سان سڌارا ۽ معاشي بهتري نھ اچي سگھي آھي. تازن سالن بار بار اھو ظاھر ڪيو تھ هر حڪومت ۾ سياسي پارٽيون ۽ سڀ هڪ ئي صفحي تي هئا،تڏھن بھ ا اهي استحڪام آڻڻ ۾ سٺي ڪارڪردگيءَ جو مظاھرو  نه ڪري سگهيا. اندروني عدم استحڪام جي ڪري ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ  اڃا به وڌيڪ ڏکيو ٿي ويندو.

شايد اهو وقت آهي ته بحث ڪيو وڃي ته معاشي سڌارا ڇو ناڪام ٿيا آهن ۽ انهن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سياسي استحڪام ڇو ضروري آهي ۽ هي استحڪام ڪيئن نظر اچي ٿو؟ جيڪڏھن پاڪستان جي عوام جي لاءِ نھ تھ مستقبل جي تڪرارن ۾ ڪاميابي لاءِ استحڪام ضروري آهي.صرف اهو چوڻ ڪافي ناهي ته معيشت کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي؛بلڪھ  اسان کي پڇڻ گهرجي ته اڃان تائين ان کي بھتر بڻائڻ ھر ڪوشش  ناڪام ڇو ٿي. ھي سخت ۽ بي آرامي واري گفتگو ڪرڻ جو وقت آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.